سيد امير محمد شاھہ: مولانا امير محمد شاھہ'>سيد امير محمد شاھہ ولد سوڍل شاھہ، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ اميناڻيءَ ۾ 1296ھہ/1879ع ڌاري ڄائو هو. امير محمد شاھہ'>سيد امير محمد شاھہ قرآن شريف جي تعليم حافظ محمد يعقوب کان، فارسي جي تعليم قاضي محمد صالح کان ۽ عربيءَ جي تعليم مولانا محمد هاشم کان حاصل ڪئي. تحريرن ۽ فتوائن جي رهبريءَ جو ڪم مخدوم مولانا ملڪاڻيءَ وٽ سکيو. ان کان پوءِ هن ڳوٺ جي جامع مسجد ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم جاري رکيو، جتي ڪجهہ عرصي گذرڻ بعد ڳوٺاڻن جي اختلاف سبب درگاھہ امير پير وٽ مسجد ٺهرايائين ۽ اتي ئي تعليم ڏيڻ جو ڪم شروع ڪيائين. ان کان سواءِ ميان خادم حسين جي حڪم تي هڪ مدرسو 1332ھہ/1914ع ۾ قائم ڪيائين، جتان هزارين شاگرد تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. سندس مشھور شاگردن ۾: مولوي فيض محمد مدني، مولوي حاجي محمد قريشي، محمد رفيق خوش نويس، مولوي علي نواز رند، محمد قاسم پيرزادو، مولوي عبدالباقي ۽ ٻيا شامل آهن. امير محمد شاھہ'>سيد امير محمد شاھہ جي تصنفين ۾: (1) ’تفسير اميري، (2) سيپارہ عم‘ قابل ذڪر آهن.
هن عالم 1379ھہ/1959ع ۾ وفات ڪئي.