
سيد باقر شاهه جي درگاهه
سيد باقر شاھہ جي درگاھہ: هيءَ درگاھہ تعلقي ناري، ضلعي خيرپورميرس ۾، چونڊڪي شھر کان 30 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. سيد باقر شاھہ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ حضرت سلطان اڌم جو همعصر بزرگ هو. هن مزار جي قريب لامبڙيءَ وارو تلاءُ بہ آهي، جتان درگاھہ تائين رستو وڃي ٿو. سيده نفيسه شاھہ جي ناظميءَ واري دؤر ۾ درگاھہ تائين پڪو رستو تعمير ٿيو. درگاھہ جو مقبرو پراڻو تعميراتي يادگار آهي. درگاھہ جي مقبري جي تعمير ۽ مرمت جو ڪيترا ڀيرا ڪم ٿيو آهي. مقبرو ڪچين سرن جو تعمير ٿيل آهي، پيڙھہ پڪسرائين اٿس. مهاڙيءَ ۾ تازي مرمت دوران ديوار ۾ پڪيون سرون هڻي، ٻيڙٻني تي سيمينٽ جو تاج نما احاطو ٻَڌو ويو آهي. مهاڙيءَ ۾ رنگ روغن ڪري گل چٽيا ويا آهن. ٻنهي پاسن کان پانيل آهن، جيڪي ٻيڙٻني کان ڪجهہ مٿي نڪتل آهن. مهاڙيءَ ۾ چوڪاٺي جي دروازي تي مٿان توڙي پاسن کان رنگ سان چٽ ڪڍيا ويا آهن. مقبري جي پاسن واري ديوار ۾ ٻن طاقن واريون ٻہ ٻہ دريون نصب ڪيل آهن. پاسن وارين ديوارن کي بوهي گاري جو ليپو ڏنو ويو آهي. ڇت تي اٺڪنڊو گول گنبذ آهي، جنهن تي چوني جو اڇو رنگ ڪيل آهي. گنبذ تي ابتي ڪوڻيءَ جي گل تي نيل نصب ڪيل آهي. مقبرو پڌر تي آهي، جنهن کي احاطي لاءِ ڪنهن بہ قسم جي ديوار وغيرہ ڏنل ڪانهي. هن وقت مقبري جي ڀر ۾ نئين اڏاوت ڪئي پئي وڃي، جڏهن تہ پاسي ۾ زيارتين توڙي مسافرن لاءِ ڊگهو ڇپر ٺهيل آهي، جتي ايندڙ ويندڙ ماڻهو ترسن ٿا. ڇني جي ڇت ڪڙين ۽ ٽونئرن جي ٻَڌل آهي، جنهن کي ٽي لنگهہ آهن. عقيدتمندن پاران ڪيترائي اٺ هن درگاھہ جي نالي ڪيا ويا آهن آهن، جيڪي درگاھہ جي ڀر ۾ وڏي کليل ميدان تي جهوڪ ڪندا آهن. ڏاچين جو کير درگاھہ جي نالي خيرات طور مفت ۾ ڏنو وڃي ٿو، جيڪو سلسلو وڏي وقت کان هلندو اچي. درگاھہ جي آسپاس پٿريلا بلاڪ آهن، باقي چئني طرفن کان غيرآباد پوٺو آهي.