سيد بايزيد: شيخ محمد اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب تحفة الطاهرين ۾ لکي ٿو تہ: سيد بايزيد ڪامل ۽ قلندرانه نموني رهندو هو. روايت آهي تہ سندس وقت ۾ ماڻهن ۾ خطرناڪ وبائي مرض اچي پيو، جنهنڪري روزانو ماڻهو مرڻ لڳا. هر گهر ۾ روڄ راڙو ۽ تعزيت جو تڏو وڇايو پيو هو. انهن ڏينهن ۾ سيد بايزيد جو هڪ مريد جيڪو کيس تمام گهڻو ويجهو هو، اهو بيمار ٿي پيو ۽ پڪ ٿي ويس تہ آءٌ بہ هن وبائي مرض ۾ مري ويندس. تڏهن هن جي اک لڳي وئي ۽ خواب ۾ ڏٺائين تہ هڪ وڏو لشڪر آهي، جيڪو تيرن سان وڏي ننڍي کي نشانو پيو بنائي. اها حالت ڏسي سوچيائين تہ ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي لڪان تہ اوچتو هڪ تير انداز جي نظر مٿس پئجي وئي ۽ نشانو وٺي کيس ڪمان ڪشي تير هڻڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ ٻئي تيرانداز ان کي هڪل ڪري چيو، خبردار! متان هن کي تير هنيو اٿئي، متان پاڻ کي مصيبت ۾ وجهين، هي سيد بايزيد جو مريد آهي. تنهن تي ان تير انداز بس ڪئي. ان خواب کانپوءِ مريد جي اک کُلي ۽ ڏٺائين تہ سيد بايزيد ساڻس گڏ ويٺو آهي، جنهن فرمايو تہ هاڻي دلجاءِ ڪر، وبا جو تير تو کي نقصان نہ پهچائيندو. روايت آهي تہ اهو مريد پنھنجي گهر ويو ۽ انهيءَ ڏينهن چاڪ چڱو ڀلو ٿي پيو.