سيد بدرالدجىٰ شاھہ راشدي

سيد بدرالدجىٰ شاھہ راشدي: نامور عالم ۽ جراح حڪيم سيد بدرالدجى ولد شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ راشدي 1909ع ڌاري پير جي ڳوٺ، لڳ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
سيد بدرالدجى راشدي حڪيم، بزرگ ۽ اهل علم هو، حڪمت جو علم کيس پنھنجي والد پاران ورثي ۾ مليو. حڪمت ۾ نبض شناسي، سير ڇوڙڻ ۽ ڏنڀ ڏيڻ جو اعلى درجي جو ماهر هو. پري پري تائين سندس ناماچاري هوندي هئي. سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ بہ ڀرپور حصو وٺندو هو. علي محمد شاھہ راشدي'>پير علي محمد شاھہ راشدي ۽ پير حسام الدين شاھہ راشدي سندس همعصر ۽ ڳوٺائي هئا، سيد بدرالدجى شاھہ کي علمي ذوق بہ سندن صحبت جي ڪري پيدا ٿيو. وٽن ڪي علمي شخصيتون اينديون هيون تہ حڪيم بدرالدجى کي بہ مدعو ڪيو ويندو هو. حڪيم صاحب جون ڊاڪٽر ائنميري شمل، فلپ ڪي هٽي، گلشن خاڪي، باباءِ اردو مولوي عبدالحق ۽ ٻين سان ملاقاتون رهيون. حڪيم صاحب پير صاحب پاڳاري، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ خانبهادر احمد خان ڀٽي جي قريبي احبابن ۾ شامل هو. سندس دواخانو نئين ديري شھر ۾ هو، جتي پري پري کان مريض اچي علاج ڪرائيندا هئا. حڪيم سيد بدرالدجى شاھہ راشدي سنڌ جي ناليواري اديب امام راشديءَ جو والد هو. حڪيم صاحب 22 آگسٽ 1972ع تي 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو