
سيد بچل شاهه تابش نقوي
سيد بچل شاھہ تابش نقوي: بچل شاھہ تابش نقوي'>سيد بچل شاھہ تابش نقوي 1932ع ڌاري رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سيد وريل شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي ذهين هوندو هو. سيد بچل شاھہ سنڌي ستين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي. جنهن زماني ۾ ست درجا فائنل طور ليکيا ويندا هئا. سيد بچل شاھہ نهايت باذوق ۽ فنون لطيفہ سان تعلق رکندڙ اديب ۽ بھترين مقرر ٿي گذريو آهي. سٺو مقرر ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هوندو هو، جنهنڪري وٽس هر پل ماڻهن جو هجوم ويٺو هوندو هو. سندس والد سيد وريل شاھہ بہ هڪ خدا ترس انسان ۽ رتيديري جي ماڻهن جو ڀرجهلو هو. 1971ع ۾ سيد وريل شاھہ جي وفات بعد سموريون ذميواريون سيد بچل شاھہ تي پيون تہ هن شھر جي غريب ۽ بي پھچ عوام جي خدمت ۾ وسان نہ گهٽايو. شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي سياست کان متاثر ٿي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ سياسي ۽ سماجي سرگرمين جي حوالي سان سندس ڪوششون اتان جي ماڻهن لاءِ هونديون هيون. ايتريقدر جو رتيديري شھر ۾ ڪنهن بہ سماجي مسئلي جي حل لاءِ ڪا بہ هڙتال، ريلي، مظاهرو يا ڌرڻو هوندو هو تہ بنا ڪنهن پارٽي فرق جي ان ۾ هي نہ صرف حصو وٺندو هو، پر مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ذاتي اثر رسوخ هلائي مسئلا حل ڪرائيندو هو. شھيد بينظير ڀٽو سان بہ تمام گهڻو ويجهو رهيو.
لاڙڪاڻي ضلعي جي هن معروف شخصيت، 29 مئي 2003ع تي وفات ڪئي.