سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري

سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري

سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري

سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري (ڪتاب): هي ڪتاب نظير حيات سيوهاڻي جو لکيل آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ پروفيسر سيد اعجاز علي شاھہ رضوي ۽ زوار عبدالستار درس جا قيمتي رايا موجود آهن. ڪتاب کي 6 بابن ۾ ورهايو ويو آهي. باب پهريون: مرثيو ڇا آهي ۽ سنڌي مرثيي جي اوسر، باب ٻيو: سيد ثابت علي شاھہ جي سوانح حيات، باب ٽيون: سيوهڻ جي عزاداريءَ ۾ سيد ثابت علي شاھہ جا مرثيا، باب چوٿون: سيوهڻ ۽ سيوهڻ جي قديم عزاداري، باب پنجون: سيد ثابت علي شاھہ جي بزرگن ۽ اولاد جو احوال ۽ باب ڇهون: سيد ثابت علي شاھہ کي شاعرن جي پيش ڪيل ڀيٽا تي مشتمل آهي. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 90 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي اڪيڊميءَ طرفان 2013ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب تي ڪا بہ قيمت ڄاڻايل نہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو