سيد جلال شيرازي ٺٽوي : عابد، زاهد ، فاضل سيد جلال ولد سيد علي بن سيد احمد شيرازي ٺٽوي ، جڏهن ڄائو تہ سيد علي پنھنجي ڀاءُ سيد حسين وٽ هي ٻارڙو کڻي حاضر ٿيو . سيد صاحب دعا فرمائي تہ هي نينگر وڏو نامور ٿيندو ۽ اُن جو اولاد وري کانئس بہ وڏي نالي وارو ٿيندو . سيد جلال شروع جوانيءَ جو زمانو ديني علمن ۾ صرف ڪيو . تفسير ۽ حديث ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين . اڳتي هلي زهد ۽ رياضت ۾ ايڏو ڪمال حاصل ڪيائين ، جو تارڪ دنيا ٿي ، فقط ياد خدا ۾ مشغول رهيو . سندس اولاد مان سيد علي شيرازي ثاني ، ايڏو نامور ٿيو ، جو سمورو ملڪ هن جي ظاهري ۽ باطني سخا سان فيضياب ٿيو . سيد جلال 66 سالن جي ڄمار ۾ 903ھہ/1497ع ۾ هن دارفاني مان رحلت فرمائي .