
سيد جيئندل شاهه لڪياري
سيد جيئندل شاھہ لڪياري: سيد جيئندل شاھہ ولد سيد علي شاھہ لڪياري، لڪياري سيدن جي ميان پوٽي پاڙي مان هو، جيڪي سيد غازي خان جي اولاد مان آهن، جنهن جو مقبرو شاھہ صدر جي مقام ۾ ريلوي اسٽيشن لڪي شاھہ صدر جي اولھہ طرف آهي. سيد جيئندل شاھہ 1900ع ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ آراضيءَ مان حاصل ڪئي، جيئندل شاھہ وچولي درجي جو زميندار، صاحب فضل و ڪمال، راڄن ۾ رسوخ رکندڙ ۽ پنھنجي دور جو رڄ مڙس هو، وٽس وڏي ملڪيت نہ هئي. مال جا وڳ هئس، گهوڙي سواريءَ جو شوقين هو. 1936ع ڌاري ضلعي لوڪلبورڊ دادوءَ جو ميمبر ۽ سيوهڻ ميونسپل جو صدر ٿيو. اصول پسند سياست جي ڪري ڪيترا دفعا جيل بہ ويو. سيد جيئندل شاھہ همت ڀريو، بي ڊپو زميندار هو، هر ڪنهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو، هو قول توڙي فعل جو پڪو هو، سندس اوطاق تي سياستدانن، ڀاڳين، مهمانن ۽ راڄ وارن جا ميڙا متا پيا هوندا هئا، وڏو مهمان نواز ۽ سخي مرد هو. جي. ايم سيد جي ويجهن رفيقن مان هو، سائين جي. ايم سيد کي 1937ع، 1940ع ۽ 1953ع وارين چونڊن ۾ کٽرائڻ ۾ سيد جيئندل شاھہ جون وڏيون ڪوششون هيون، ان وقت جي تر جا وڏيرا، زميندار، چڱا مڙس ۽ راڄ وارا سندس اثر هيٺ هئا، جيڪي سندس ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪندا هئا. 1945ع جي آخر ۾ جي. ايم سيد جا مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف ٿيا، 1946ع جي آخر ۾ چوندون ٿيون، جن ۾ مسلم ليگ قاضي علي اڪبر کي بيهاريو، اليڪشن ۾ اسلام کي خطري جي نعري، مسلم ليگ جي مخالفت ۽ حڪومت جي مخالفت سبب ڪيترا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو خوف ۽ لالچ کان متاثر ٿي ميدانن تان هٽي ويا. ان مخالفت واري طوفان ۾ جيئندل شاھہ، جي. ايم سيد جو سهڪاري ٿي بيٺو. هن جي دل سنڌ ۽ سنڌين جي درد سان ڀريل هئي. کيس لالچون ڏنيون ويون، پر نہ مڙيو، ان ڪري کيس ’فرنٽيئر ريگيوليشن ايڪٽ‘ هيٺ جيل موڪيلو ويو. اليڪشن وارو سمورو وقت دادو جيل ۾ رهيو. اليڪشن کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. وڏو بھادر انسان هو. سيد جيئندل شاھہ کي ٽي پٽ ٿيا: (1) سيد غلام حسين شاھہ،
(2) سيد ڪوڙل شاھہ ۽ (3) سيد نظر علي شاھہ. سندس پٽ ڪوڙل شاھہ بي. اي، ايل. ايل. بي هو. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ جيل کاتي جو وزير ٿيو.
سيد جيئندل شاھہ جي وفات 1980ع ڌاري ٿي.