سيد حاجي شاهه: سيد حاجي شاهه ڏهين صدي هجريءَ جو نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. هيءُ سيد صدرالدين شاهه جو پڙپوٽو هو، جنهن جي نالي سان ساداتن جي ’صدرالدين پوٽا‘ شاخ قائم آهي. ڪتاب ’ڪواڪب السعادات‘ ۾ هن کي مخدوم ساهڙ لنجار جو مريد ڄاڻايو ويو آهي. عام روايت آهي ته ميان سيد حاجي مٽياريءَ جي پراڻي لنگھه تي مٽ رکي ويهندو هو ته جيئن ايندڙ ويندڙ مسافر پنهنجي اڃ اجھائي سگھن. سيد حاجي شاهه شهر جو قاضي به هو، جنهن سبب هيءُ پهاڪو مشهور ٿيو ته ”ميون سيد حاجي مٽ جو قاضي“ ان کانسواءِ هڪ ٻي روايت مشهور آهي ته: ’متعلوي شهر تي مٽياري‘ نالو به سندس مٽن جي نسبت سان پيو. ميان سيد حاجي جي دور ۾ چانگ قبيلي جا ماڻهو سما حڪومت سان ٽڪراءَ ۾ آيل هئا، جن علائقي جي ساداتن کي به ڪافي تنگ ڪيو هو، جنهنڪري اڪثر ساداتن ۽ چانگن جون پاڻ ۾ چڪريون ٿينديون رهنديون هيون. هن بزرگ چانگن کي پاراتو ڏنو هو.
هن بزرگ عيسيٰ خان ترخان جي دور ۾ وفات ڪئي.