سيد حاجي شاھہ: سيد حاجي شاھہ ڏهين صدي هجريءَ جو نامور بزرگ ٿي گذريو آهي. هيءُ سيد صدرالدين شاھہ جو پڙپوٽو هو، جنهن جي نالي سان ساداتن جي ’صدرالدين پوٽا‘ شاخ قائم آهي. ڪتاب ’ڪواڪب السعادات‘ ۾ هن کي مخدوم ساهڙ لنجار جو مريد ڄاڻايو ويو آهي. عام روايت آهي تہ ميان سيد حاجي مٽياريءَ جي پراڻي لنگهه تي مٽ رکي ويهندو هو تہ جيئن ايندڙ ويندڙ مسافر پنھنجي اڃ اجهائي سگهن. سيد حاجي شاھہ شھر جو قاضي بہ هو، جنهن سبب هيءُ پهاڪو مشھور ٿيو تہ ”ميون سيد حاجي مٽ جو قاضي“ ان کانسواءِ هڪ ٻي روايت مشھور آهي تہ: ’متعلوي شھر تي مٽياري‘ نالو بہ سندس مٽن جي نسبت سان پيو. ميان سيد حاجي جي دور ۾ چانگ قبيلي جا ماڻهو سما حڪومت سان ٽڪراءَ ۾ آيل هئا، جن علائقي جي ساداتن کي بہ ڪافي تنگ ڪيو هو، جنهنڪري اڪثر ساداتن ۽ چانگن جون پاڻ ۾ چڪريون ٿينديون رهنديون هيون. هن بزرگ چانگن کي پاراتو ڏنو هو.
هن بزرگ عيسيٰ خان ترخان جي دور ۾ وفات ڪئي.