
سيد حاجي شاهه جي رانڪ
سيد حاجي شاھہ جي رانڪ (ماڳ): هيءَ رانڪ مٽياري شھر ۾ آهي، جنهن جي مهاڙي، ڪاشيءَ سان سينگاريل آهي. لنگهہ جو در ڏکڻ پاسي ونگدار آهي. ڪاٺ جو دروازو سادو آهي. دروازي جي مٿان ننڍيون برجيون ٺهيل آهن، جن جي مٿان ڪلسا ڏنل آهن. دروازي جي پاسن ۾ گول ونگ سان دريون ڄارين سان بند آهن، مٿان ڪا بہ ڇت ڪا نہ آهي. ساديون ڀتيون جن تي سائو رنگ ڏنل آهي. مهاڙيءَ کان مصلي تي پهچڻ لاءِ ٻہ ڏاڪا ٺهيل آهن. مصلو نيري ڪاشيءَ جي سرن سان مزين آهي. مصلو هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي. ٿلهي تي ڪل ڇھہ قبرون آهن، اوڀر کان ٽيون نمبر قبر بزرگ سيد حاجي شاھہ جي آهي. صرف نالي وارو ڪتبو لڳل آهي، جيڪو ويجهڙائي ۾ هٽايو ويو آهي. سيد حاجي شاھہ لاءِ روايت آهي تہ هيءُ بزرگ، عيسيٰ خان ترخان جي دور ۾ هتي آيو هو. هي بزرگ موسيٰ پوٽا خاندان جو جد امجد چيو وڃي ٿو. پاڻ صدر الدين شاھہ جو پڙپوٽو هو. ’ڪواڪب السادات‘ نالي ڪتاب ۾ کيس ساهڙ لنجار جو مريد ڄاڻايو ويو آهي. قاضي مقصود ’تاريخ مٽياريءَ‘ ۾ هن بزرگ جو احوال ڏيندي لکيو آهي تہ پاڻ مٽيارين جي پراڻي لنگهہ وٽ مٽ رکي مسافرن کي پاڻي پياريندو هو، جنهنڪري ئي هن شھر جو نالو مٽياري پيو آهي. پاڻ شھر جو قاضي بہ هو. سندس وفات عيسيٰ خان ترخان جي دؤر ۾ ٿي.