سيد حاجي محمد حافظ شاھہ ٽکڙائي: سيد الھہ بخش شاھہ جو چوٿون نمبر فرزند ۽ علامہ اسدالله شاھہ جو ڀاءُ، حافظ شاھہ'>سيد حاجي محمد حافظ شاھہ، 20 شوال المڪرم، 1287ھہ/ 1870ع ۾ اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو. کيس حافظ يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو، جتي قرآن ڪريم جي پڙهڻ سان گڏ سنڌي ۽ پارسي ۾ بہ چڱي مهارت حاصل ڪيائين. عربي ”سراجي“ تائين پڙهيو. ٻين سيدن سان گڏ حضرت صاحب خواجہ عبدالرحمان سرهنديءَ جو مريد ٿيو. نہ رڳو مريد پر حضرت صاحب جن جي مٿس هميشہ مھر ۽ قرب جي نظر پڻ رهندي هئي. ساڻس گڏ ڪيترا دفعا ڪوئيٽا، ڪابل ۽ قنڌار وغيرہ جي سفر تي بہ ويو هو. حافظ شاھہ جيتوڻيڪ نقشبندي هو ۽ نقشبندي طريقي ۾ راڳ ۽ سماع حرام آهي، پر پاڻ راڳ کي روح جي راحت ٿي سمجهيائين. اهو ئي سبب هو جو سندس اوطاق هميشہ راڳيندڙن، نڙاين ۽ بانسرين نوازن سان ڀريل رهندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو گهڻو ڪري سندس ئي اوطاق ۾ ڏسبا هئا. ڪڏهن مداري، ڪڏهن ڏور ۽ بيت چوندڙ تہ وري ڪڏهن سگهڙ ۽ سچيت ماڻهو سندس اوطاق کي رونق بخشيندا هئا. پرديسي ڳائڻا ۽ سگهڙ ايندا هئا تہ گهڻو ڪري سندس ئي اوطاق ۾ رهندا هئا. پنھنجي هم مجلسن سان ايتري قدر تہ انس ۽ محبت هوندي هئس جو جيڪڏهن ڪو بہ سيد سندس ڪنهن ساٿيءَ کي ڪو ڪم ڪار چوندو هو تہ کيس ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ۽ پاڻ انهيءَ سيد کي چوندو هو تہ ”ادا! آءُ ٿو تنهنجو ڪم ڪري اچان باقي منهنجي ڪچهري وارن کي تڪليف نہ ڏي.“ جيڪڏهن وٽس روزانو ايندڙ ماڻهو ڪڏهن ڪچهريءَ تي نہ آيو تہ صبح جو پاڻ انهيءَ جي گهر وڃي خبر چار لهندو هو. کيس بدن جي صفائيءَ جو ڏاڍو خيال رهندو هو. نهايت نازڪ ۽ نفيس لباس پهريندو هو ۽ خوشبو لڳائڻ سان خاص شوق هئس. خوش خلق ۽ رلڻو ملڻو بہ اهڙو هوندو هو.
اها ڳالھہ مشھور آهي تہ جڏهن بہ ٽکڙ ۾ سخت برساتون پونديون هيون، تڏهن انهن سخت برساتن ۾، هڪ شخص، لٺ هٿ ۾، گوڏ ٻڌل، هر ڪنهن غريب جي گهر وڃي سندس خبرگيري ڪندو هو ۽ پنهنجيءَ پڄنديءَ آهر سندن مدد ڪندو هو. اهو هو حافظ شاھہ، جنهن جي دل ۾ غريبن ۽ مسڪينن لاءِ ايڏي همدردي هوندي هئي. حافظ شاھہ 5 صفر 1337ھہ/ 1918ع ۾ وفات ڪئي. کيس حضرت صاحب خواجہ عبدالرحمان رحه واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو. حافظ حامد کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ٽکڙ جو شاعر، پنھنجي ڪلام ۾ سوز ۽ درد پيدا ڪري سگهيو آهي يا جنهن جو ڪلام ٻڌڻ يا پڙهڻ سان دل ۾ جذب ۽ ڪيف پيدا ٿي سگهي ٿو تہ اهو آهي حافظ شاھہ. حافظ شاھہ جي شاعري جي ابتدا بابت چيو ٿو وڃي تہ هڪ ڏينهن سير و تفريح ڪندي ”جون واھہ“ جي ڪناري تي اچي نڪتو ۽ اتي ئي هڪ نازنين دوشيزہ ڪپڙا ڌوئيندي سندس دل کي ڌتاري ورتو. سڄڻ جي سڪ ساڻ ڪري روئندو رهيو. بره جي باھہ ڀڙڪو کاڌو، ۽ شاه صاحب هميشہ لاءِ دل وڃائي ويٺو. لنؤ لڳائڻ لاءِ تہ لڪ بہ ضروري هئي، مگر ماٺ ڪرڻ مان بہ تہ ڪو درد جو درمان ٿي نہ ٿي سگهيو. آخرڪار ننگ ۽ ناموس جا مڙئي ٽڳا ٽوڙي ويٺو. کيس ڪنهن سياڻي صلاح ڏني تہ: ”تنھنجي مرض جو مداوا حضرت صاحب ئي آهي.“ اها صلاح وٺي، پنھنجي عشق جو احوال پنھنجي پير طريقت اڳيان پيش ڪيائين. حضرت صاحب جن کيس دعا ڪئي ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي سندس سوز شعر جي صورت اختيار ڪئي. مجازي عشق تہ اڳ ئي پيدا ٿي چڪو هو، ويتر جو مرشد مٿي تي هٿ ڦيريس تہ ان تہ سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو. غزل تمام گهٽ، باقي پنھنجي جهوني سنڌي رنگ، مداحن ۽ ڪافين ڏي تمام گهڻي توجھہ ڏني اٿس. جڏهن عشق جي اندرين آڳ سندس صبر جو پيمانو لبريز ڪري وجهندي هئي، تڏهن اها آتش هزارين ارمان کڻيو، شعر جي قالب ۾ پلٽجي، سندس زبان مان ٻاهر نڪرندي هئي. موٽيو، عيسو ۽ لونگ شيدي هميشہ ساڻ هوندا هئس. پاڻ شعر چوندو ويندو هو ۽ انهن کي ياد بہ ڪرائيندو ويندو هو. ڪافين جو سر بہ پاڻ ڪڍندو هو ۽ اول ڪافي بہ پاڻ ڳائي ٻڌائيندو هو ۽ پوءِ هو سندس پٺيان ڳائيندا هئا. سندس ڪافين ۾ ايتري ڪشش هوندي هئي جو جيڪڏهن هڪ شام جو سندس اوطاق تي ڪا نئين ڪافي ڳائي ويئي تہ صبح جو انهيءَ ڪافيءَ جو هڪ يا ٻہ بند ڳوٺ جي ٻار ٻچي، پير و جوان جي زبان تي ٻڌبو هو. هاري ۽ ناري، ڪمي ۽ ڪاري، کٽي ۽ ڪوري، مزدور ۽ پورهيت، پنهنجو ڪم ڪار لاهي، اچيو حافظ شاھہ جي اوطاق ڀيڙا ٿيندا هئا. عشاءَ جي نماز کان پوءِ مجلس شروع ٿيندي هئي. عيسو، موٽيو ۽ لونگ، واري واري سان يا گڏجي، ڳائڻ شروع ڪندا هئا. ساري محفل تي ڪيف ۽ مستيءَ جو عالم طاري ٿي ويندو هو. شاھہ صاحب پاڻ بہ هنجون پيو هاريندو هو، تہ ٻڌندڙن جي نيڻن مان بہ نار پيا وهندا هئا. حافظ شاھہ هڪ عوامي شاعر هو. انهيءَ جو ثبوت اهو ئي ڪافي آهي تہ جڏهن سندس ۽ سندس همعصرن جو دور گذريو ۽ ٽکڙ مان اها بھار جي بوءِ ختم ٿي ويئي، ۽ ٻين شاعرن جا بياض سندس بياض وانگي گم ٿي ويا ۽ جڏهن پوئي دور جي اديبن سندس ڪلام جي ڳولا ڪئي تڏهن ماڻهن کي سواءِ حافظ جي ڪافين جي ٻئي ڪنهن بہ شاعر جي ڪلام مان هڪ يا ٻن بندن کان سواءِ ڪجهہ بہ ياد نہ هو. اهو ئي سبب هو جو ماڻهن جي ساڻس ۽ سندس ماڻهن سان محبت هئي. اڄ بہ سندس صحبتي سندس ڳڻن ڀريون ڳالهيون ڳڻيو، اکين مان آب هارين ٿا. حافظ شاھہ جو ڪلام گهڻو ڪري ڪافين جي صورت ۾ آهي. گل ۽ بلبل، خال ۽ خط، باده و جام، ساقي ۽ پير مغان جا خيالي استعارا ۽ افسانا سندس ڪلام ۾ گهٽ نظر اچن ٿا. سندس شعر ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ، سنڌي محاورا ۽ تجنيس حرفي گهڻي موجود آهي.
1870.00.00 عيسوي
سيد حاجي محمد حافظ شاهه ، 20 شوال المڪرم ، 1287هه/ 1870ع ۾ اڳينءَ ٽکڙ ۾ ڄائو
1918.00.00 عيسوي
سيد حاجي محمد حافظ شاهه 5 صفر 1337هه/ 1918ع ۾ وفات ڪئي