سيد حامد نوبهار شاھہ

سيد حامد نوبهار شاھہ: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ۾ غلام رسول مھر ڄاڻائي ٿو ته، ”سيد حامد نوبهار شاھہ دراصل سيد جلال الدين سرخ بخاريءَ جي درگاھہ جو سجادہ نشين هو. دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ سخت جنگيون لڳيون. آگسٽ 1726ع ۾ جڏهن محمد مبارڪ خان وفات ڪئي تہ ان ئي وقت ميان نور محمد خان فوج وٺي دائودپوٽن تي شڪارپور ۾ حملو ڪيو. دائودپوٽن شڪارپور ۾ ترسڻ مناسب نہ سمجهيو ۽ اهي اتان نڪري دٻلي ٻيٽ ۾ اچي رهيا. شڪارپور قبضي ۾ اچڻ کانپوءِ ميان نور محمد مير شھداد خان ٽالپر کي لشڪر ڏئي دٻلي ٻيٽ تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. دٻلي ٻيٽ ۾ جنگ هلندي رهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جو گهڻو نقصان ٿيو، آخر اُچ ۾ سيد جلال الدين سرخ بخاريءَ جي درگاھہ جو سجادہ نشين سيد حامد نوبهار شاھہ وچ ۾ پيو ۽ جنگ بند ڪرائي دائودپوٽن کي اُچ جي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. سيد حامد نوبهار شاھہ سان گڏ اُچ جي گيلاني درگاھہ جو سجادہ نشين ۽ سيد چراغ شاھہ بہ گڏ هئا.“


لفظ سيد حامد نوبهار شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو