سيد حيدر شاهه1

سيد حيدر شاهه1: سـيد حـيـدر شاهه ولد سـيد اســمـاعـيــل شـاهه، 30 مارچ 1813ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڄائو. پاڻ عربي، فارسي، سنڌي، علم جعفر ۽ علم نجوم جو ڄاڻو هو. هن ابتدائي تعليم مٽيارين جي مشهور استاد مولوي عبدالڪريم کان حاصل ڪئي. حيدرآباد توڙي آسپاس جا ڪيترائي ماڻهو سندس معتقد ۽ مريد هوندا هئا. سيد حيدر شاهه علم موسيقيءَ جي اصول تي شعر چوندو هو. هن جي ڏوهيڙن جو ڪتاب ’ليليٰ مجنون‘ بمبئيءَ جي ليٿو پريس مان شايع ٿيو، جيڪو مڪتبن ۾ درسي ڪتاب وانگي پڙهايو ويندو هو.
سيد حيدر شاهه 78سالن جي ڄمار ۾ 4 رمضان 1306هه/7 مئي 1889ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1813.03.30  عيسوي

سـيد حـيـدر شاهه ولد سـيد اســمـاعـيــل شـاهه، 30 مارچ 1813ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڄائو.


1889.05.07  عيسوي

سيد حيدر شاهه 78سالن جي ڄمار ۾ 4 رمضان 1306هه/7 مئي 1889ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالباسط ٺٽوي شيخ
عبدالله، مخدوم نرئي وارو
صابر فقير ميان خطاط
عبدالغني منصور سيال
عبدالرحمان عرف بابا فتح محمد
حافظ محمد صديق رح
شاهه عنايت الله جيلاني
حسين بن دلدار علي علامه
محمد اسماعيل سومرو
حسين سنڌي سيوستاني
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون