سيد حيدر شاھہ 2

سيد حيدر شاھہ2: سيد حيدر شاھہ ولد سيد مير علي شاھہ، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏاڏن مان هو، هيءُ 108ھہ/1398ع تي امير تيمور سان گڏجي هندستان ۾ آيو. ڪجهه وقت کانپوءِ سيد حيدر شاھہ پنھنجي والد ۽ امير تيمور کان موڪلائي سنڌ جي شھر هالا ڪنديءَ ۾ اچي رهيو. انهن ڏينهن ۾ هالا جي حاڪم ميران محمد نالي هالا ذات جي ماڻهن تي ڪنهن ڏوھہ ڪري 525 روپيا ڏنڊ وڌو هو، جيڪو غربت جي ڪري هالا ادا ڪري نہ سگهيا. سيد حيدر شاھہ اها رقم پنھنجي هڙان ڀري ڏني، جنهنڪري ماڻهو کانئس ڏاڍا متاثر ٿيا. ڪجهه وقت کانپوءِ وڏيري شاھہ محمد هالي جي نياڻي فاطمہ سان سندس شادي ٿي. فاطمہ سندس ماءُ جو نالو هجڻ ڪري بيبي صاحبہ جو نالو مٽائي بيبي سلطان رکيائين. هالا شھر ۾ ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ کيس پنھنجي والد جي وفات جي خبر پئي تہ پاڻ واپس هرات وڃڻ وقت نشانيءَ طور ٽي شيون منڊي، خنجر ۽ هڪ خانداني ٻانهي بيبي صاحبہ جي حوالي ڪري ويو ۽ وصيت ڪيائين تہ پٽ ڄمي تہ ان جو نالو مير علي رکيو وڃي ۽ اهي ٽئي امانتون ڏئي کيس هرات اماڻجو.
سيد حيدر شاھہ هرات وڃڻ کانپوءِ تقريباً ٽي سال جيئرو رهيو، کيس اتي اڳيئي ٻہ فرزند سيد محمد ۽ سيد حسين نالي هئا، جن کي پيءُ جي ڇڏيل ڪافي دولت هٿ ائي، هيڏانهن هالا ۾ بہ بيبي سلطان صاحبہ کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مير علي رکيو ويو. جڏهن نينگر وڏو ٿيو تہ پيءُ جون ڇڏيل امانتون کڻي هرات روانو ٿيو ۽ ڀائرن سان ملي پنهنجو حصو گهريائين، جن پهريان تہ انڪار ڪيو، پر قاضيءَ جي فيصلي کانپوءِ سيد مير علي سنڌيءَ کي حصو مليو ۽ پاڻ جلدي سنڌ موٽي آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو