سيد خيرالدين گيلاني: سيد خيرالله عرف خيرالدين گيلاني ولد سيد احمد بغدادي 911ھہ/1505ع ۾ بغداد ۾ جنم ورتو. سندن شجرو پنجين پيڙهيءَ ۾ سيد عبدالقادر گيلاني رحه سان گڏجي ٿو. هن ابتدائي تعليم مڪي ۾ ورتي ۽ اتي 14 سال تعليم حاصل ڪئي. تعليم مان فارغ ٿي سياحت ڪندي سنڌ جي شھر هالڪنڊيءَ ۾ مخدوم نوح اويسي صديقيءَ جي صحبت مان فيضياب ٿي سکر پهتو ۽ هتي جي هڪ ٽڪريءَ تي ﷲ جي عبادت ۾ مصروف ٿي ويو. پراڻي سکر جا ڪافي ماڻهو سندس مريد ٿيا، جن ۾ نواب مير محمد معصوم جو پوٽو مير محمد زڪريا بہ شامل هو. پاڻ مريدن جي چوڻ تي سکر پراڻي جي ان هنڌ رهڻ لڳو، جتي هينئر سندس مقبرو آهي. سندس خليفن ۾ سيد نصيرالدين متعلويءَ جو نالو بہ قابل ذڪر آهي، جنهن شاھہ صاحب جي وفات کانپوءِ مخدوم نوح جي خليفي درويش يحيٰ رانٽيي کان فيض حاصل ڪيو.
سيد خيرالدين گيلاني 27 رمضان 1027ھہ ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو سکر پراڻيءَ ۾ آهي، جتي هر مهيني يارهين تاريخ ميلو لڳي ٿو. روضي جي عاليشان عمارت نيري رنگ جي گنبذ سان فقير جمال الدين جي پٽ ميان غلام محمد مجاور تعمير ڪرائي ۽ سيد محمد معصوم جي پوٽي سيد اسدالله ’مخلص‘ ساقيءَ، گنبذ جي تاريخ لڳائي، جيڪا گنبذ جي مٿان لڳل آهي:
شاھہ خيرالدين سرور سالکان،
ولي خدا زبده عارفان،
زهي روضہ اش مظهر نورخدا،
بيا بند فيض، زيارت کنان،
غلام محمد سجادہ نشين،
زيڪليش بنا روضئه نوشان،
چو ساقي طلب کرد تاريخ اَن،
بگفتا خرد درگه فيص دان.