سيد خير شاهه

سيد خير شاهه

سيد خير شاهه

سيد خير شاهه: سيد خير شاهه، اصل ڪوئيٽا (بلوچستان) جي ڀر ۾، چئن ميلن جي فاصلي تي، پهاڙ جي دامن ۾، ڪِراني جي ڳوٺ ۾ رهندڙ سيدن مان هو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ سندن بلوچ مريد سنڌ ۾ لڏي آيا، جنهنڪري هي سيد به اڪثر سنڌ ۾ ايندا ويندا هئا. سندن خاندان جا ٻيا ڪيترا سيد بلوچستان ۾ ڍاڍر، مستونگ ۽ جهل مگسيءَ ۾ رهندا هئا. سندن مريد سنڌ ۾، ٿرپارڪر، سانگهڙ، نوابشاهه ۽ خيرپور ضلعن ۾ مري، چانڊيا، جمالي ۽ خاصخيلي گهڻي تعداد ۾ موجود آهن.
سيد خير شاهه جي والد ميان امام علي شاهه کان اڳ سندن وڏا پهرين سنڌ ۾ ککري نالي ڳوٺ، تعلقي ڪنڊياري ۾، ڪوئيٽا کان لڏي اچي ويٺا. ان کانپوءِ شاهه صاحب جو والد ميان امام علي شـاهه 1872ع ۾ نوابشاهه ضلعي ۾ زمين خريد ڪري، نوابشـاهه جي ڀـر ۾ پنـجن ميلن تي پنـهنـجـو ڳوٺ ٻَڌي اچـي ويٺـو. تنهن بعد هـي دائمي طور اُتي رهڻ لڳا.
حاجي ميان امام علي شاهه کي ٽي فرزند ٿيا: (1) سيد ميان خير شاهه، (2) سيد حاجي ڪرم شاهه، ۽ (3) سيد حاجي غلام شاهه.
سيد خير شاهه، مئي 1904ع ۾ سندن اصل ڳوٺ ڪِراني ۾ ڄائو هو. ابتدائي سنڌي تعليم قديم دستور موجب ملان محمد دائود گهانگري، ويٺل ڳوٺ ڄام نورالله، تعلقي ڪنڊياري وٽ ورتائين. پارسي، مولوي الله بخش سيٺر وٽ پڙهيائين. پوءِ زمينداري سنڀاليائين. سندس والد 1950ع ۾ وفات ڪري ويو. ان کانپوءِ گهر ۾ وڏي هئڻ سبب، هو زمينداري ۽ ڪاروبار جو اڳواڻ ٿي رهيو. نوابشاهه جي رهاڪو سيد ميان ٻڍل شاهه سان سندس دوستي ٿي وئي. ٻنهي جي گڏيل اثر ڪري، هي شهر ۽ آسپاس ۾ چڱو رسوخ حاصل ڪري ويو. 1923ع ۾ تعلقي لوڪلبورڊ نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو. 1928ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو، جنهن تي 1945ع تائين رهيو.
سيد خير شاهه ۽ جي. ايم. سيد پاڻ ۾ گهرا دوست هئا. ٻنهي گڏجي سردار نبي بخش خان ڀُٽي جي چونڊ وقت ڪم ڪيو هو. سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ بعد، جنوري 1937ع جي اليڪشن ۾، سيد خير شاهه، نوابشاهه - سنجهوري تڪ مان سردار محمد لقمان- جنهن کي پير پاڳاري جي مدد هئي، جيڪو مرزا فرخ بيگ جو عزيز هو ۽ ورهين جا ورهيه ضلعي لوڪلبورڊ نوابشاهه جو صدر رهي چڪو هو ۽ جنهن جا مقامي آفيسرن ۽ زميندارن سان سٺا تعلقات هئا- ان جي مقابلي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو.
سنڌ اسيمبليءَ ۾ جڏهن سر غلام حسين جي وزارت ٺهي ته جي. ايم. سيد سان گڏ مخالف ڌر ۾ ويٺو. مارچ 1938ع ۾ ان وزارت کي شڪست ڏئي، الهه بخش وزارت کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ هي جي. ايم. سيد جو سهڪاري رهيو. اڳتي هلي اتحاد پارٽيءَ جو الهه بخش وزارت سان ڍلن وڌائڻ جي سوال تان اختلاف ٿي پيو، ان ڪري هي ۽ جي. ايم. سيد مخالفت ۾ ويٺا، پوءِ جڏهن جي. ايم. سيد مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو ته سيد خير شاهه، نوابشاهه ضلعي ۾ مسلم ليگ جو مکيه ڪارڪن ٿي رهيو. منزل گاهه مسجد جي سوال تان الهه بخش وزارت خلاف عدم اعتماد جو ٺهراءُ پاس ٿيو ته هي ان ۾ جي. ايم. سيد واري ڌر سان گڏ هو. هن جي اثر ڪري ميان محمد يوسف خان چانڊيي آخري ووٽ ڏئي، وزارت کي شڪست ڏياري. ان کانپوءِ هي ڪافي عرصو مسلم ليگ ۾ رهيو.
1944ع کان مسلم ليگ پارٽي ۽ مسلم ليگ وزارت (جنهن جو وزيراعظم ان وقت سر غلام حسين هو) جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو، کهڙو جيل ۾ هو، شهيد الهه بخش جي خالي ٿيل اسيمبليءَ جي جاءِ تي مسلم ليگ طرفان چونڊيل ميمبر احمد خان سڌايي جي وفات سبب شڪارپور تڪ جي جاءِ خالي ٿي، جنهن لاءِ سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي پٽ انور حسين هدايت الله کي اميدوار بيهارڻ گهريو. ٻئي طرف صوبائي مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري آغا غلام نبي خان پٺاڻ امـيـدوار هو. جـي. ايم. سيد صـوبائـي مسلم ليگ جو صدر هو. هن غلام نبي خان کي ٽڪيٽ ڏني، جنهن تان ناراض ٿي، سر غلام حسين، مير غلام علي خان کي وزير ڪيو، جنهن مسلم ليگ اندر بلوچ گروپ پيدا ڪرڻ لاءِ، نوابشاهه ۾ خير شاهه خلاف بلوچن کي کڙو ڪيو. 1945ع جي آخر ۾ صوبه سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ ٺهيو، جنهن تي سيد خير شاهه ۽ غلام نبي خان پٺاڻ به ميمبر هئا. جناح صاحب جي وسيلي سر غلام حسين بورڊ نئين سر مقرر ڪرائي، ان تي وزارت ۽ جماعت جي طرف جا هڪ جيترا ميمبر رکايا. نتيجي طور معاملو ان حد تي وڃي بيٺو ته مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ ۽ وزارت هڪ ٿي ويا. پوءِ صوبه مسلم ليگ کي معطل ڪري، جنوري 1946ع جي چونڊن ۾ هڪ ڪليڪٽر کي ڇڙواڳ ڇڏي نوابشاهه وارن ميمبرن کي شڪست ڏياري وئي. جن مان سيد خير شاهه به هڪ هو. سال جي آخر ۾ وري اسيمبليءَ جون نيون چونڊون ٿيون ته گورنر ۽ مسلم ليگ گڏجي سندن باقي رهيل ميمبرن کي به شڪست ڏياري. شاهه صاحب هن ٻيءَ چونڊ ۾ اميدوار نه بيٺو ۽ کُليو بيان ڪڍيائين ته ”گذريل اليڪشن ۾ نوابشاهه جي ڪمشنر مسعود کلم کلا موٽرن ۾ چڙهي مسلم ليگ جي اميدوارن جي مدد ڪئي. اسان جي حامين کي جيل ۾ وڌو، ڪوڙا ووٽ ڏياريا ۽ 110 قلم ۾ رجوع ٿيل اميدوارن کي چونڊائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. هن وقت به ساڳيو ڪليڪٽر ڪرسيءَ تي موجود آهي، ۽ حالتون بدليون ناهن، ان ڪري چونڊن ۾ بيهڻ بيڪار آهي.“
آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو. 1948ع ۾ خانبهادر کهڙي کي وزارت مان ڊسمس ڪيو ويو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ پير الاهي بخش وزيراعليٰ ٿي رهيو. بعد ۾ يوسف هارون وزيراعليٰ ٿيو. ان وقت نوابشاهه سنجهوري تڪ جي ميمبر ميان محمد اعظم جي وفات جي ڪري، اسيمبليءَ جي جڳهه خالي ٿي. کهڙو صاحب صوبه مسلم ليگ جو صدر هو. هن قديم تعلقات جي بنياد تي سيد خير شاهه کي مسلم ليگ ۾ واپس آڻي کيس بنا مخالفت جي ميمبر چونڊايو. ان وقت جي. ايم. سيد حالتن جي بدلجڻ ڪري مسلم ليگ نظريي جي خلاف هو. ان ڪري هو ۽ ان جا ٻيا ساٿي اسيمبليءَ کان ٻاهر رهيا.
1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جون نيون چونڊون ٿيون، جن ۾ سيد خير شاهه، مسلم ليگ طرفان اميدوار بيهي، وري چونڊجي آيو، جڏهن جي. ايم. سيد ۽ سندس دوست متحده محاذ طرفان اسيمبليءَ طرفان چونڊجي آيا. 1954ع جي آخر ۾ خانبهادر کهڙي سنڌ کي زوريءَ پنجاب سان گڏڻ لاءِ ’ونيونٽ‘ (One Unit) جو ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن بعد مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. سيد خير شاهه نوابشاهه ضلعي پاران ان ۾ چونڊجي آيو ۽ ريپبليڪن پارٽيءَ ۾ داخل ٿيو. ان دوران جي. ايم. سيد متحد محاذ پاران مسلم ليگ سان ونيونٽ ڊاهڻ لاءِ گفتگو ڪئي، جنهن جون اڪثر ميٽنگون ڪراچيءَ ۾ سيد خير شاهه جي بنگلي تي ٿينديون هيون. اها ڳالهه ٻُڌي ريپبليڪن پارٽيءَ به ڳالهيون هلايون. ٺهراءُ پيش ٿيڻ بعد ريپبليڪن پارٽي وعدي تان ڦِري وئي ۽ ٺهراءَ تي اسپيڪر جي مدد سان ووٽ وٺڻ کانسواءِ وقت ٽاري ڇڏيو، ان تي جي. ايم. سيد ۽ سندس ساٿين ڊاڪٽر خانصاحب جي وزارت جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ سيد خير شاهه ساڻن گڏجي وزارت خلاف محاذ ٺاهيو. نتيجي طور وزارت هلي نه سگهي ۽ ڪجهه وقت لاءِ گورنر حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون. ان کانپوءِ سردار عبدالرشيد جي هٿ هيٺ نئين وزارت ٺهي. ان جي. ايم. سيد جي ڌر سان ڳالهيون ڪري وعدو ڪيو ته هو ونيونٽ کي ڊاهڻ جو ٺهراءُ، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ پاس ڪرائڻ ۾ مدد ڪندا. مسلم ليگ ته ساڻن ان ڳالهه ۾ اڳيئي ٻَڌل هئي. جي. ايم. سيد، نيشنل عوامي پارٽيءَ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ اڳيان آخري فيصلي لاءِ سوال رکيو. ڪميٽيءَ ميان افتخارالدين جي اثر جي ڪري ساڳين شرطن تي ريپبليڪن پارٽيءَ طرفان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ کي ترجيح ڏني ۽ ’ونيونٽ‘ خلاف اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پاس ٿيو. ان وقت مسلم ليگ ناراض ٿي وزارت ڪيرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، هنن سيد خير شاهه کي چيو ته ”اوهان جي بنگلي تي ٿيل ڳالهين تان نيشنل عوامي پارٽيءَ وارا ڦِري ويا آهن، ان ڪري اوهان اسان جي مدد ڪريو“، پر سيد خير شاهه، جي. ايم. سيد جي چوڻ تي سردار عبدالرشيد جي وزارت کي بچايو. ان کانپوءِ هن کي ڊپٽي منسٽر ڪري وزارت ۾ رکيو ويو ۽ غلام نبي پٺاڻ کي وزير ڪري کنيو ويو. ٿوري وقت کانپوءِ ريپبليڪن پارٽيءَ وارا مٿان جي دٻاءُ پوڻ تي، وعدي تان ڦِري ويا ۽ ’ونيونٽ‘ جو سوال مرڪزي اسيمبليءَ ۾ آڻي، آئين ۾ ترميم ڪرائڻ لاءِ تيار نه ٿيا. ان تي جي. ايم. سيد وارن، ريپبليڪن پارٽيءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ سان گڏجي وزارت جي مخالفت ڪئي. ان معاملي تي سيد خير شاهه، ڊپٽي منسٽري ڇڏي اچي، جي. ايم. سيد وارن سان گڏ مخالفت ۾ ويٺو. 1958ع ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ کانپوءِ، جڏهن ملڪ ۾ حڪومت جو جمهوري سرشتو ختم ڪيو ويو ته شاهه صاحب ڪناره ڪش ٿي ماٺ رهيو. نئين آئين ٺهڻ کانپوءِ جڏهن مرڪزي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون ته شاهه صاحب نوابشاهه ضلعي طرفان اميدوار بيٺو، پر سندس گروهه مان سيد حسن بخش شاهه، پير زين العابدين کنيارين واري جي اثر ڪري سندس مخالفت ڪئي، جنهنڪري سيد خير شاهه اليڪشن ۾ ڪامياب نه ٿيو. سيد خير شاهه، نظرياتي سياست مان گهڻو واقف نه هو، پر منجهس ڪي خاصيتون هيون، جيڪي زميندار طبقي جي عام سياستدانن ۾ گهٽ هونديون آهن. هي جوشيلو، بي ڊپو، آزاد خيال ۽ بي طمع سياستدان هو. هر مقابلي جي ميدان ۾ لبيڪ چئي حاضر ٿيندو هو، پر نوابشاهه ضلعي جي سياست عجيب آهي، جتي پڙهيل طبقو وڌيڪ هوندي به سياسي فهم گهٽ رکڻ ڪري اڪثر ميمبر، سرڪاري گروهه ۾ شامل ٿي ذاتي ڪم ڪرائيندا هئا، جيڪا ڳالهه سيد خير شاهه جي طبيعت وٽان نه هئي. ان ڪري هو باقي زندگي سياست کان پري رهيو.
سيد خير شاهه 8 رجب 1402ع/ 3 مئي 1982ع تي وفات ڪئي. سندس فرزند سيد نظر شاهه کانئس پوءِ سياست ۾ سرگرم رهيو. صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ وزير پڻ رهيو. سيد نذر شاهه کانپوءِ سندس پٽ سيد شوڪت حسين شاهه پڻ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ وزير رهيو.


لفظ سيد خير شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو