سيد رحمت ﷲ بکري: سيد رحمت ﷲ پٽ لطف علي رضوي بکري، ميان عبدالنبي فيروز جنگ بهادر، سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حاڪم جو درٻاري شاعر، مداح ۽ قصيدو پڙهندڙ هو. بکر اُجڙڻ کانپوءِ ڪي سادات روهڙيءَ ۾ اچي رهيا ۽ ڪي وري پنھنجي جاگير بڪار ۾ وڃي رهيا. سيد رحمة ﷲ بہ بڪار جي جاگيردارن مان هو. سندس ذڪر ان قصيدي ۾ آهي، جيڪو هن ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي توصيف ۽ تعريف ۾ لکيو. هي قصيدو لکڻ وقت هي خداآباد ۾ ميان صاحب جي وڏي درٻاري امير ۽ ٽالپرن جي مورثِ اعلى مير بجار خان جو مهمان هو، جنهن ميان صاحب کي قتل ڪرايو هو، ان ڪري ملڪ ۾ وڏو وڳوڙ پيدا ٿي پيو ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي ۽ مير صاحبان مُلڪ تي قبضو ڪري ويا. سيد رحمة ﷲ کي مير صاحب وٽ رهندي ڳچ وقت گذري ويو تہ کيس پنھنجي اهل عيال جو فڪر ٿيو. سو قصيدي ۾ مير بجار خان کي مخاطب ٿيندي چيائين تہ مون کي ٻارن کان پري رهندي ٻہ مهينا گذري ويا آهن، اجازت ڏيو تہ وطن وڃان. سيد صاحب جي ڊگهي قصيدي ۾ جتي ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي تعريف سان گڏ ان جي درٻاري اميرن، وڪيلن ۽ توشي خاني جي هندو منشين، درٻاري عالمن، قاضين ۽ حڪيمن جا نالا ڏنا ويا آهن، اتي سرزمين سنڌ ۽ سنڌو درياھہ جي تعريف جا واهڙ وهايا ويا آهن. سيد صاحب 1194ھہ تائين زندہ هو ۽ اهو قصيدو بہ ان انهيءَ سال لکيو ويو. انهيءَ سال قنڌار جي بادشاھہ تيمور ابن احمد شاھہ ابدالي ميان عبدالنبي ڪلهوڙي ڏانهن خلعت موڪلي هئي، ان جو ذڪر بہ ان قصيدي ۾ موجود آهي. ان کانپوءِ سيد رحمة ﷲ بکريءَ جي وفات جو سال معلوم نٿو ٿئي.