سيد روشن علي شاھہ: سيد روشن علي شاھہ ’روشن‘، مخدوم جھانيان جي خاندان مان ٿي گذريو آهي. هيءُ قادر الڪلام شاعر ۽ جيد عالم هو. 1670ع ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو سيد فتح علي شاھہ ۽ والد قطب علي شاھہ ’قطب‘ پنھنجي وقت جا فارسي، سنڌي ۽ سرائڪي زبان جا ناميارا شاعر هئا. هن سنڌي، هندي ۽ فارسي ٻوليون پڙهيون. هن بيت، ڪافيون، غزل ۽ رباعيون ڪافي تعداد ۾ چيون. سندس ڪلام جو مجموعو ’گلشن روشن‘ ادب جو قيمتي اثاثو آهي. سيد روشن علي شاھہ 23 رمضان المبارڪ سن 1250ھہ ۾ وفات ڪئي.