سيد سردار علي شاهه ذاڪر
سيد سردار علي شاهه ’ذاڪر‘: مشهور صحافي، ايڊيٽر ۽ ليکڪ سيد سردار علي شاهه ذاڪر ولد سيد جعفر شاهه بخاريءَ جو جنم پهرين جنوري 1928ع تي ڳوٺ بخارا ٻيرڙي تعلقي گھوٽڪيءَ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعيلم ميرپور ماٿيلي مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول نوابشاهه مان ۽ بي. اي سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. هن شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست شروع ڪئي، علامه عنايت الله مشرقيءَ جي ’خاڪسار تحريڪ‘ ۾ سرگرم رهيو، مختلف سرگرمين جي ڏس ۾ ڍاڪا، لکنئو، دهلي ۽ بمبئيءَ سميت ننڍي کنڊ جي ڪيترن علائقن جو سفر ڪيائين، ڪجھه وقت ’سنڌ مسلم ليگ‘ کي متحرڪ ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. صحافت جو آغاز 1946ع ۾ ’الوحيد‘ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪيائين. هن 1950ع ۾ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏجي سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي ڊڪشنري رٿائن ۾ به ڪم ڪيو. هن ڪجهه همخيال دوستن سان گڏجي ’عام راءِ‘ نالي رسالو جاري ڪري، سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ لوڪ ادب جي ترقيءَ لاءِ بنيادي قدم کنيا. سردار علي شاهه 1952ع ۾ ’ڪاروان‘ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ 1957ع ۾ روزاني ’مهراڻ‘ ۾ ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليائين ۽ آخري دم تائين ان اخبار سان سلهاڙيل رهيو. صحافت جي ميدان ۾ سندس قلم تيز تلوار وانگر بيخوف ۽ بي ريا هو. هن جا مضمون ۽ ايڊيٽوريل سرڪاري ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيندا هئا. کيس بيباڪ صحافي سمجهي ’سردار صحافت‘ ۽ ’پاسبان آبروءِ قلم‘ جهڙا خطاب ڏنا ويا. بيباڪيءَ سبب ڪيترا سال جيل ۾ رهيو. 60 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ترقي پسند ۽ رجعت پسند مڪتبه فڪر وارن ۾ اختلاف تيز ٿيا، ته سردار شاهه ’ذاڪر‘ ساڄيءَ ڌر وارن جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو ۽ روشن خيال ۽ ترقي پسند اديبن جي خلاف سخت مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکيائين. جي. ايم. سيد جي ڪتاب ’جيئن ڏٺو آهه مون‘ جي خلاف مسلسل مضمون هلايائين. ان لاءِ هن ’مهراڻ‘ اخبار کي هٿيار طور ڪم آندو. نتيجي طور سمورا ترقي پسند اديب محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ ٻيا سرڪاري عتاب هيٺ آيا، پر ٻئي طرف سيد سردار علي شاهه ’ذاڪر‘ کي سنڌي ٻوليءَ سان بي پناهه عشق هو ۽ ’ٻوليءَ واري تحريڪ‘ ۾ هن جا ايڊيٽوريل ترقي پسند اديبن جي مؤقف سان مطابقت رکندا هئا.
هو ڪهنه مشق شاعر هو. هن سمورين عروضي صنفن ۾ ڪلام چيو آهي، پر کيس غزل ۽ نظم تي عبور حاصل هو. سندس چار ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾: (1) ’رت جا ڳوڙها‘، (2) ’سنڌي زبان جي حيثيت ۽ ان جو مستقبل‘، (3) ’ديار يار ۾ دم دم گذاريم‘ (حج جو سفرنامو)، (4) ’واردات عشق‘ (نعتيه شاعري) شامل آهن، جڏهن ته 10 ڪتاب قلمي صورت ۾ سندن پونئرن وٽ محفوظ آهن.
سيد سردار علي شاهه ’ذاڪر‘ 18 مئي 1988ع تي جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سيد سردار علي شاهه ذاڪر جو ننڍو ڀاءُ امير بخاري پڻ پنهنجي وقت جو ناميارو شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي، سيد سردار علي شاهه ’ذاڪر‘ جي شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڇڙي جي بزم سخن ۾ اسان جو ذڪر،
زبان جا زلف سنواري اسان کي ياد ڪجو!
ڏسو جو راهه ۾ ويندي اسان جو نقش قدم،
ڪو همسفر ئي سنڀاري اسان کي ياد ڪجو!
گذر جي گور غريبان وٽان ٿئي اي دوست،
دعا جا لفظ اچاري اسان کي ياد ڪجو!
1928.01.01 عيسوي
مشهور صحافي، ايڊيٽر ۽ ليکڪ سيد سردار علي شاهه ذاڪر ولد سيد جعفر شاهه بخاريءَ جو جنم پهرين جنوري 1928ع تي ڳوٺ بخارا ٻيرڙي تعلقي گھوٽڪيءَ ۾ ٿيو.
1988.05.18 عيسوي
سيد سردار علي شاهه ’ذاڪر‘ 18 مئي 1988ع تي جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.