سيد سردار علي شاهه

سيد سردار علي شاهه

سيد سردار علي شاھہ

سيد سردار علي شاھہ: سياسي، سماجي ڪارڪن سيد سردار علي شاھہ بخاري ولد سيد حيدر شاھہ ڳوٺ نوشهره ڍاله، تعلقي ترنتارن ضلعي امرتسر ۾ جنم ورتو، جيڪو سکن جو علائقو هو ۽ ان کي ’مانجها‘ بہ چيو ويندو هو. هي علائقو چورن ڌاڙيلن جو ڳڙھہ هو. اڪثر زميندار سِک ۽ ڪڙمي گهڻو ڪري مسلمان هوندا هئا. هن علائقي جا سک ۽ مسلمان، سيد حيدر شاھہ جا معتقد هئا. سردار علي شاھہ شروع کان ئي پيري مريديءَ جي خلاف هو، ان ڪري ملازمت جي تلاش ۾ نڪتو. ان زماني ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ريلوي لائين جو ڪم هلي رهيو هو ۽ ڪيترين لائينن تي ريل گاڏيون هلڻ شروع ٿي چڪيون هيون. هن بہ وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، ريلوي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. شروع ۾ هي فائرمئن مقرر ٿيو ۽ پوءِ انجڻ ڊرائيور ٿيو. اهڙيءَ ريت هو سنڌ ۾ پهتو ۽ ڪجهہ وقت کانپوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين ۽ اٽي پيهڻ، چانورن ڇڻڻ، ڪپھہ ٽاڻڻ، برف جي ڪارخانن لڳائڻ، مشينري نصب ڪرڻ، انجڻن جي خرابيءَ کي دور ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ وڏي مهارت رکندو هو. اهڙيءَ ريت اتر سنڌ ۾ قائم ڪارخانن جي توسيع ۽ ترقيءَ ۾ سندس فني خدمتن جو وڏو هٿ هو. هن جو بائلر انجنيئرنگ بابت لکيل ڪتاب گهڻي عرصي تائين شاگردن کي ڪورس طور پڙهايو ويندو هو.
سيد سردار علي شاھہ، سکر، نوشهري فيروز، لاڙڪاڻي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيترا ڪارخانا قائم ڪيا. هي ’رئيس اعظم‘ جي لقب سان بہ مشھور هو. نون سالن تائين سکر ميونسپل جو ڪائونسلر رهيو. هن کي ٻہ فرزند سيد محبوب علي شاھہ بخاري ۽ سيد ناصر علي شاھہ بخاري ٿيا.
هن 1939ع ۾وفات ڪئي، کيس شيخ شينهن بادشاھہ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ سيد سردار علي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو