سيد سردار علي شاهه ذاڪر

سيد سردار علي شاهه ذاڪر

سيد سردار علي شاھہ ذاڪر

سيد سردار علي شاھہ ’ذاڪر‘: مشھور صحافي، ايڊيٽر ۽ ليکڪ سيد سردار علي شاھہ ذاڪر ولد سيد جعفر شاھہ بخاريءَ جو جنم پهرين جنوري 1928ع تي ڳوٺ بخارا ٻيرڙي تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعيلم ميرپور ماٿيلي مان، مئٽرڪ هاءِ اسڪول نوابشاھہ مان ۽ بي. اي سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. هن شاگرديءَ واري دور کان ئي سياست شروع ڪئي، علامہ عنايت مشرقيءَ جي ’خاڪسار تحريڪ‘ ۾ سرگرم رهيو، مختلف سرگرمين جي ڏس ۾ ڍاڪا، لکنئو، دهلي ۽ بمبئيءَ سميت ننڍي کنڊ جي ڪيترن علائقن جو سفر ڪيائين، ڪجهه وقت ’سنڌ مسلم ليگ‘ کي متحرڪ ڪرڻ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪيائين. صحافت جو آغاز 1946ع ۾ ’الوحيداخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪيائين. هن 1950ع ۾ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏجي سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي ڊڪشنري رٿائن ۾ بہ ڪم ڪيو. هن ڪجهہ همخيال دوستن سان گڏجي ’عام راءِ‘ نالي رسالو جاري ڪري، سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ لوڪ ادب جي ترقيءَ لاءِ بنيادي قدم کنيا. سردار علي شاھہ 1952ع ۾ ’ڪاروان‘ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ 1957ع ۾ روزاني ’مهراڻ‘ ۾ ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليائين ۽ آخري دم تائين ان اخبار سان سلهاڙيل رهيو. صحافت جي ميدان ۾ سندس قلم تيز تلوار وانگر بيخوف ۽ بي ريا هو. هن جا مضمون ۽ ايڊيٽوريل سرڪاري ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيندا هئا. کيس بيباڪ صحافي سمجهي ’سردار صحافت‘ ۽ ’پاسبان آبروءِ قلم‘ جھڙا خطاب ڏنا ويا. بيباڪيءَ سبب ڪيترا سال جيل ۾ رهيو. 60 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ترقي پسند ۽ رجعت پسند مڪتبه فڪر وارن ۾ اختلاف تيز ٿيا، تہ سردار شاھہذاڪر‘ ساڄيءَ ڌر وارن جو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو ۽ روشن خيال ۽ ترقي پسند اديبن جي خلاف سخت مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکيائين. جي. ايم. سيد جي ڪتاب ’جيئن ڏٺو آھہ مون‘ جي خلاف مسلسل مضمون هلايائين. ان لاءِ هن ’مهراڻ‘ اخبار کي هٿيار طور ڪم آندو. نتيجي طور سمورا ترقي پسند اديب محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ ٻيا سرڪاري عتاب هيٺ آيا، پر ٻئي طرف سيد سردار علي شاھہذاڪر‘ کي سنڌي ٻوليءَ سان بي پناھہ عشق هو ۽ ’ٻوليءَ واري تحريڪ‘ ۾ هن جا ايڊيٽوريل ترقي پسند اديبن جي مؤقف سان مطابقت رکندا هئا.
هو ڪهنه مشق شاعر هو. هن سمورين عروضي صنفن ۾ ڪلام چيو آهي، پر کيس غزل ۽ نظم تي عبور حاصل هو. سندس چار ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾: (1) ’رت جا ڳوڙها‘، (2) ’سنڌي زبان جي حيثيت ۽ ان جو مستقبل‘، (3) ’ديار يار ۾ دم دم گذاريم‘ (حج جو سفرنامو)، (4) ’واردات عشق‘ (نعتيه شاعري) شامل آهن، جڏهن تہ 10 ڪتاب قلمي صورت ۾ سندن پونئرن وٽ محفوظ آهن.
سيد سردار علي شاھہ ’ذاڪر‘ 18 مئي 1988ع تي جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سيد سردار علي شاھہ ذاڪر جو ننڍو ڀاءُ امير بخاري پڻ پنھنجي وقت جو ناميارو شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي، سيد سردار علي شاھہذاڪر‘ جي شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڇڙي جي بزم سخن ۾ اسان جو ذڪر،
زبان جا زلف سنواري اسان کي ياد ڪجو!

ڏسو جو راھہ ۾ ويندي اسان جو نقش قدم،
ڪو همسفر ئي سنڀاري اسان کي ياد ڪجو!

گذر جي گور غريبان وٽان ٿئي اي دوست،
دعا جا لفظ اچاري اسان کي ياد ڪجو!


لفظ سيد سردار علي شاھہ ذاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.01.01  عيسوي

مشهور صحافي، ايڊيٽر ۽ ليکڪ سيد سردار علي شاهه ذاڪر ولد سيد جعفر شاهه بخاريءَ جو جنم پهرين جنوري 1928ع تي ڳوٺ بخارا ٻيرڙي تعلقي گھوٽڪيءَ ۾ ٿيو.


1988.05.18  عيسوي

سيد سردار علي شاهه ’ذاڪر‘ 18 مئي 1988ع تي جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لوڪرام ڏوڏيجا
اسلم خواجا
دين محمد وفائي مولانا
اخترعلي
غلام احمد نظامي
دوست علي جيسر
امداد علي سومرو
فقير منٺار مڱريو
امان ﷲ چانڊيو سنڌي
الھورايو بوزدار
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون