
سيد سليمان شاهه
سيد سليمان شاھہ (راڳي): سنڌ جو مشھور راڳي، سيد سليمان شاھہ، 1933ع ڌاري عبدالله شاھہ بخاريءَ جي گهر ۾، ڳوٺ تڙ خواجه، تعلقي جاتي، ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. چيو وڃي ٿو تہ سندس والد ايران کان لڏي اچي، ٺٽي ضلعي ۾، تڙ خواجہ ۾ اچي رهيو هو، جتان پوءِ لڏي ميرپور بٺوري آيو. سيد سليمان شاھہ بہ ننڍپڻ ۾ پيءُ سان گڏ ميرپور بٺوري اچي رهيو. اُتي مڊل تائين تعليم حاصل ڪيائين. اتي هن استاد بچو شيخ کان ڳائڻ ۽ نچڻ جي سکيا ورتي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ ساڻس ميلن ملاکڙن ۾ ويندو هو. جڏهن هندستان جو ناليوارو ڪٿڪ ڊانسر، اي. جي. پروانہ (A. J. Parwana) ممبئيءَ مان اچي، پهرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ جي هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ڳوٺ، ماتليءَ، ضلعي بدين ۾ رهيو تہ سليمان شاھہ نہ رڳو کانئس ڪٿڪ ناچ (Kathak Dance) جي تربيت ورتي، پر ساڻس ’لڪي اسٽار ٿيئٽر ڪمپنيءَ‘ جي قيام ۾ بہ حصو ورتو، جنهن جو ڊائريڪٽر اي. بي. پروانو ٿيو ۽ سليمان شاھہ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندڙ ٿيئٽرن ۾ ساڻس گڏ هوندو هو. هن پرواني کان ڪٿڪ ڊانس سان گڏ اداڪاريءَ جي تربيت ورتي ۽ هن ڪمپنيءَ جي اڪثر ڊرامن ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪندو هو. جيئن جيئن سليمان شاھہ جي ڳائڻ ۾ مقبوليت وڌي تہ هن اداڪاري ڇڏي ڏني. پوءِ سيد سليمان شاھہ ابتدا ۾ ڀڳتن سان گڏ پنهنجو ٽولو ٺاهي، سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ نچندو رهيو. هن ڪافي عرصو سنياسين ۽ ڀڳتن سان رهي کانئن ڀڳتي ڳائڻ جو انداز سکيو.
سيد سليمان شاھہ موسيقار بلاول بيلجيم، فيروزالدين ۽ ايس. گل جي موسيقيءَ ۾ ڳايو ۽ ڪي گر غلام حيدر موسيقار کان بہ سکيائين. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ۽ شاعر جمن هالي کيس اڳتي اچڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. سليمان شاھہ کي مقبوليت جي آسمان تي ’ول ول قتل ڪريندا‘ بلا شاھہ جي ڪلام پھچايو. هن ڪلام سندس شھرت سڄي پاڪستان تائين پهچائي ڇڏي. 1970ع ۾ ٽي. وي تي عبدالڪريم بلوچ کيس متعارف ڪرايو، جڏهن تہ ريڊيو تي کيس خواجہ امداد عليءَ متعارف ڪرايو، جيڪو سندس ڳوٺائي ۽ تڙ خواجہ جو رهاڪو هو. سيد سليمان شاھہ کي فلمن ۾ ڊائڪريٽر حسن شيخ ۽ مشتاق چنگيزي وٺي آيو. شيخ حسن، ورهاڱي کانپوءِ ’عمر مارئي‘ پهرين سنڌي فلم ٺاهي ۽ ان کانپوءِ ’شھرو فيروز‘ فلم ٺاهي، جنهن ۾ سيد سليمان شاھہ اداڪاري ڪئي ۽ ڳايو. ان کانسواءِ هن ’چانڊوڪي‘ ۽ ’نوري ڄام تماچي‘ ۾ اداڪاري بہ ڪئي. اردو فلم ’جهڪ گيا آسمان‘ ۽ سنڌي فلم ’پرديسي ۽ پيار‘ جا گانا بہ ڳاتائين. هن ڪيترن ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري اتي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سندس شاگردن ۾ امير بخش ميراڻي، مولا بخش مڱڻهار ۽ رمضان علي عرف ڪارو شيخ شامل آهن. ڪاري شيخ کي هن پٽ ڪري پاليو هو، جيڪو 1966ع ڌاري شاھہ صاحب وٽ آيو هو.
سيد سليمان شاھہ جو انداز نرالو هو، پيرن ۾ گهنگهرو ٻَڌي ڀڳت وجهڻ واري انداز ۾ نچندي ڪلام پيش ڪندو هو، جيڪو پوءِ سندس منفرد انداز ۽ سڃاڻپ بنجي ويو. هن ماسٽر چندر جا مشھور ڪلام پڻ ڳايا، جن کيس گهڻي مشهوري ڏني. شاھہ صاحب نهايت رحمدل هو، جانورن سان بہ ڏاڍو پيار ڪندو هو. روز صبح جو ڪتن ۽ ٻلين کي ماني ۽ پکين کي داڻو ڏيندو هو. سليمان شاھہ 1965ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو، پر زندگيءَ ڀر ميرپور بٺوري کي نہ وساريائين. جتي سندس زمينون هيون. شاھہ بيگ لين ڪراچيءَ ۾ هڪ ’ميوزيڪل ڪلب‘ قائم ڪيائين، جتي پنھنجي دور جا وڏا وڏا فنڪار ايندا هئا ۽ نوان ڳائڻا سکندا هئا. سيد سليمان شاھہ جي پسند جا فنڪار- ماسٽر محمد ابراهيم، محمد جمن، مهدي حسن، نور جهان، محمد رفيع ۽ لتا منگيشڪر هئا. کيس ڪوهياري ۽ راڻو راڳ ڏاڍا پسند هئا. شاھہ صاحب فلمي ڪلامن جي ڌنن تي شاعري بہ ڪندو هو. هن سنڌي، سرائڪي، بلوچي، اردو، گجراتي ۽ پنجابي زبانن ۾ ڳايو.
سليمان شاھہ جي وفات جي بہ عجيب ڪهاڻي آهي. 1996ع ۾، پاڪستان ٽيليويزن، صوبائي ٻولين جي واڌاري لاءِ مختلف بوسٽر اسٽيشنون قائم ڪيون. سنڌ ۾ ٽنڊو الهيار ۽ شاھہ مريد بوسٽر قائم ڪيا ويا. شاھہ مريد بوسٽر جو افتتاح ان وقت جي وزيراعظم محترمہ بينظير ڀٽو ڪيو. افتتاحي تقريب لاءِ راڳ رنگ جي رڪارڊنگ اڳ ۾ ٿي، جنهن ۾ سليمان شاھہ بہ رڪارڊنگ ڪرائي، هو 18 آگسٽ تي گهر واپس آيو ۽ رات جو پنهنجو پروگرام ٽي. وي تي ڏسي رهيو هو تہ اوچتو کيس دل جو دورو پيو. کيس ترت اسپتال لاءِ کنيو ويو، پر رستي تي دم ڏنائين.