سيد سليمان ندوي

سيد سليمان ندوي

سيد سليمان ندوي

سيد سليمان ندوي: سيد سليمان ندوي ڀارت جي صوبي بھار جي ضلعي پٽنا ۾ 1885ع ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو حڪيم سيد هو. ابتدائي تعليم پنھنجي وڏي ڀاءُ وٽ ۽ وڌيڪ تعليم ڦلواري شريف ۽ مدرسہ امداديه مان حاصل ڪيائين. عربيءَ تي عبور حاصل ڪرڻ لاءِ 1901ع ۾ لکنوءَ جي دارالعلوم ندوه ۾ ستن سالن تائين پڙهيو، جتي سندس ملاقات مشھور عالمن علامہ فاروق، سيد محمد علي، علامہ حفيظ ۽ علامہ شبلي نعمانيءَ سان ٿي، جيڪي سندس ذهانت ۽ غير معمولي صلاحيتن کان تمام گهڻو متاثر ٿيا.
1908ع ۾ ساڳي ئي مدرسي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ پنھنجي استاد علامہ شبلي نعمانيءَ سان ’سيرت النبي صلي عليہ وسلم‘ جي تصنيف ۾ مدد ڪرائيندو رهيو. ’سيرت النبي‘ صلي عليہ وسلم جو ڇھن جلدن تي مشتمل وڏو حصو، استاد جي وفات کانپوءِ سندس محنت سان مڪمل ٿيو. ان وقت بين الاقوامي طور سياسي حالتون تبديل ٿي چڪيون هيون. يورپي طاقتون ترڪيءَ جي شهنشاهيت کي ختم ڪرڻ لاءِ سازشون ڪري رهيون هيون. هن مولانا شبلي نعمانيءَ جي شاگرد، مولانا ابوالڪلام ’آزاد‘ سان گڏجي مسلمانن جي سجاڳيءَ لاءِ ’الھلال‘ رسالي ۾ ڪم ڪيو. 1912ع ۾ پونا ڪاليج ۾ فارسيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو، پر اتي بہ ٿورو عرصو رهڻ کانپوءِ اعظم ڳڙھہ ۾ مطالعي ۽ تحقيق جو ڪم شروع ڪيائين. ننڍي کنڊ جي وڏي تاريخ نويس، عالم ۽ سوانح حيات لکندڙ سيد سليمان ندويءَ، سموري حياتي ملڪ ۽ اسلام لاءِ وقف ڪري ڇڏي. 1920ع ۾ مولانا محمد عليءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ترڪي خلافت جي حمايت لاءِ لنڊن ويل وفد ۾ شامل ٿيو. صحافت جي ميدان ۾ مشھور رسالي ’ندوه‘ جي سب ايڊيٽر، ’الھلال‘ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر ’معارف‘ رسالي جي باني ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس وڏو ڪارنامو ادبي ۽ تاريخي ميدان ۾ کوجنا لاءِ اعظم ڳڙھہ ۾ قائم ڪيل ’دار المصنفين‘ يعني ليکڪن جو گهر هو، جنهن جو ٻيو نالو شبلي اڪيڊمي هو. سندس لکيل مشھور ڪتابن ۾ ’سيرت النبي‘، ’درس الاداب‘، ’ارض القرآن‘، ’سيرت عائشہ‘، ’عربون ڪي جھاز راني‘، ’خيام‘، ’خطبات مدراس‘،
’نقش سليمان‘ ۽ ’حيات شبلي‘ آهن. 1950ع ۾ پاڪستان هجرت ڪري آيو، جتي اسلامي تعليماتي بورڊ جو صدر مقرر ٿيو. مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھہ طرفان کيس 1916ع ۾ ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي جي سند ڏئي وئي.

1953ع ۾ وفات ڪيائين. سندس اولاد مان سندس پٽ سيد سلمان ندوي حيدرآباد ۾ رهيو ۽ سندس شادي سنڌي ميمڻ خاندان مان پروفيسر خورشيد ميمڻ سان ٿي. سلمان ندوي هن وقت سائوٿ آفريقا ۾ رهي ٿو.


لفظ سيد سليمان ندويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو