سيد شبير احمد شاھہ: ضلعي نوابشاھہ جي ناليواري سياستدان سيد شبير احمد شاھہ جو تعلق ڳوٺ محرابپور، تعلقي سڪرنڊ سان هو. سندس والد سيد حاجي حسن بخش شاھہ ورهاڱي کان اڳ ننڍي کنڊ جي سياست جو اهم ڪردار رهيو هو. سيد شبير احمد شاھہ پرائمري تعليم محرابپور مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاھہ مان ڪيائين. وڌيڪ تعليم ڪراچيءَ مان ورتائين. جوانيءَ ۾ شڪار ۽ راندين جو شوقين هوندو هو، اڳتي هلي والد جي رهنمائيءَ ۾ سياست ۾ پير پاتائين. هن سياست جو آغاز 66-1965ع ڌاري ڪيو. ايوب خان جي دور ۾ پهرين بي. ڊي جي چونڊ ۾ حصو ورتائين ۽ بعد ۾ 1970ع واري اليڪشن ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ لاءِ اميدوار بيٺو. هن اليڪشن ۾ کيس سوڀ حاصل ٿي، جنهن کانپوءِ 1997ع تائين چار ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هن پنھنجي سياسي دور ۾ نوابشاھہ ضلعي جي ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ضلعي ۾ اسڪولن ۽ اسپتالن ٺهرائڻ، روڊن، بجلي ۽ پاڻيءَ جي سهولت مهيا ڪرائڻ سندس اهم ڪم ڄاتا وڃن ٿا. هو هڪ ماهر زميندار بہ هو، جنهن کي زمين سنوارڻ ۽ بهتر پيداوار حاصل ڪرڻ جو چڱو تجربو هو. ڪمند جي فصل جي پوکي ۽ ان جي فائدي بابت مختلف ضلعن ۾ ذاتي خرچ تي ڪيترا ڀيرا ’شگر ڪين ڪانفرنسون‘ ڪرايائين. زرعي ماهر گهرائي زميندارن کي فصل ۽ ان جي پوکيءَ بابت ڄاڻ ڏياريندو هو. سندس ڪوششن سان الحاج علي نواز انڙ خان پنھنجي مشھور ناز باغ ۾ ڪمند متعلق ڪانفرنس گهرائي، جتي زرعي ماهرن پاران آبادگارن کي ڪمند متعلق ضروري ڄاڻ ڏني. کيس سير سفر جو گهڻو شوق هوندو هو، ان ڪري دنيا جي ڪيترن ملڪن جا سير ڪيائين. هن ٽي شاديون ڪيون، جن مان کيس ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سندس پٽ ضلعي نوابشاھہ جي سياست ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.