
سيد شير شاهه بخاري
سيد شير شاھہ بخاري: نامياري تعليمدان، محقق ۽ لغت ساز سيد شير شاھہ بخاريءَ ،14 جنوري 1940ع تي ڳوٺ امين لاکي، تعلقي هالا (هاڻي نيو سعيدآباد) ۾ جنم ورتو .ڇهين درجي تائين تعليم پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ سيد لعل شاھہ ۽ محمد عارف واڍي کان حاصل ڪئي. 1953ع ڌاري فائنل جو امتحان سيد محمد صالح شاھہ وٽان ڏيپرن مان پاس ڪري، پوءِ انگريزي تعليم حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح مئٽرڪ ۽ انٽر هالا مان، بي. اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ايم. اي (سنڌي ادب)، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. سيد شير شاھہ عملي زندگيءَ جو آغاز 1961ع ۾ ،سڪرنڊ ۾ پرائمري استاد طور ڪيو .ٽريننگ ڪاليج فار مين مان S.V پاس ڪري ،مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد مقرر ٿيو ،جنهن بعد سڪرنڊ ٽريننگ ڪاليج بدلي ٿي آيو .1969ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ بدلي ٿي آيو ،جتي ترقي ماڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊويزنل ايجوڪيشن ٽيڪنالوجي ريسورس سينٽر لطيف آباد ٿيو. انهيءَ عهدي تي بدين ،ميرپورخاص ،سانگهڙ ۽ دادو مرڪزن جو نگران بہ رهيو .هن استادن جي تربيتي نصاب پي .ٽي .سي .سي .ٽي ۽ ٽي سال ايجوڪيشنل ڊپلوما جي نصابي ڪتابن جا ترجما ڪيا.سندس سنڌي ٻوليءَ جي سکيا بابت لکيل ڪتاب ’مادري ٻوليءَ جي سکيا ‘ نهايت ڪارائتو ڪتاب آهي، جيڪو پرائمري ۽ ثانوي استادن وٽ ڪافي مقبول آهي .سيد شير شاھہ سنڌي مادري زبان جي درسي ڪتابن جي ليکڪ طور سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ماهراڻي پئنل تي مقرر رهيو.ان کان سواءِ هن استادن جو رهبر ( Teaching Guide )پڻ لکيو. سيد شير شاھہ مادري زبان جي نصابي ڪاميٽي ۽ درسي ڪتابن جي جائزي ڪاميٽيءَ تي ميمبر طور وڏي عرصي تائين ڪم ڪيو. پروفيسر سيد شير شاھہ 1996ع کان وٺي 2000ع ۾ رٽائرمينٽ تائين ،ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جو پرنسپال ٿي رهيو ۽ احسن نموني سان خدمتون سر انجام ڏنيون. پروفيسر سيد شير شاھہ سنڌي ٻوليءَ جو ماهر ۽ سٺو نثر نويس بہ هو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ’سنڌي سکيا واري پروگرام ‘۾ استاد طور ڪم ڪيو. کيس مطالعي جو وڏو ذوق هو.پاڻ سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جي ’سنڌي لغت بورڊ ‘جو انچارج پڻ رهيو.شير شاھہ بخاري'>سيد شير شاھہ بخاري 12 مئي 2021 ع تي وفات ڪئي.
1940.01.14 عيسوي
نامياري تعليمدان ۽ محقق سيد شير شاهه بخاريءَ، 14 جنوري 1940ع تي ڳوٺ امين لاکي، تعلقي هالا (هاڻي تعلقي نيو سعيدآباد) ۾ جنم ورتو.
2021.05.12 عيسوي
سيد شير شاهه بخاري 12 مئي 2021 ع تي وفات ڪئي.