سيد صاحبڏنو شاهه بلڙيءَ وارو
سيد صاحبڏنو شاهه بلڙيءَ وارو: ڪافيءَ جي مشهور شاعر سيد صاحبڏني شاهه بابت تمام گهٽ معلومات ملي ٿي. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب ’ياد رفتگان‘ (ص:44)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ’ڪليات سانگي‘ جي حاشيي (ص: 32-131 ۽ 407) ۽ ليکڪا، مصور ۽ ڪهاڻيڪار، شگفته شاهه جي ٽماهي مهراڻ
(2011، 2-1) ۾ ڇپيل مضمون ’صاحبڏنو شاهه بلڙيءَ وارو ۽ سندس ڪلام‘ مان خبر پوي ٿي ته، سيد صاحب ڏنو شاهه ولد ولي محمد شاهه، ڳوٺ بلڙي، ضلعي حيدرآباد (هن وقت ٽنڊي محمد خان) ۾، 1868ع ڌاري ڄائو. هي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڏهين پيڙهيءَ مان هو. سندس ڀيڻويو محمد صلاح شاهه لاولد وفات ڪري ويو، جنهن کانپوءِ صاحبڏنو شاهه سجاده نشين ٿيو.
شگفته شاهه لکي ٿي ته، ’شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام‘ ۾ ڏنل شجري ۾، شاهه ڪريم جي گاديءَ جي سجاده نشينن جو سلسلو جڏهن سيد عالي، سيد ميان محمد صلاح شاهه ۽ ميان حيدر شاهه (سجاده نشين سيد قنبر علي شاهه جي ٽن فرزندن) تائين پهچي ٿو ته ٻڌايل آهي ته اُهي ٽئي لاولد هئا، اُن لاءِ سيد صاحبڏني شاهه کي سجاده نشين بنايو ويو، جيڪو سيد محمد صلاح شاهه جو سالو هو.
سيد صاحبڏنو شاهه، سنڌي، فارسي ۽ اردو زبانن جو چڱو ماهر هو، نيڪ صورت، نيڪ سيرت، بزرگ هو ۽ پنهنجي وقت جي شاعرن ۾ نمايان حيثيت رکندڙ شاعر هو.
سيد صاحبڏنو شاهه، خليفي گل کانپوءِ ٻئي دور جو شاعر هو، جنهن جي دور ۾ شاعريءَ ۾ سنڌي ماحول وڌيڪ روشن ٿيو. هن دور جي شاعرن ۾ سيد صاحبڏني شاهه فاروقيءَ سان گڏ مير عبدالحسين سانگي، ميون وڏل حيدري، مرزا قليچ بيگ، ٻڍل بيگ، مير علي نواز ’ناز‘ علوي ۽ پير علي اصغر اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ڪليات سانگي‘ ۾ لکيو آهي ته، ” سانگي نه فقط پاڻ غزل کي ڳائي ۽ اوج تي پهچايو، مگر ٻين غزل گو شاعرن کي پڻ متوجهه ڪيو ۽ نئين عروضي شاعريءَ جي ذوق جو منڊل مچايو. ’گدا‘، ’ماتم‘، ’حامد‘، ’قليچ‘، ’صاحبڏنو شاهه‘ ۽ ’حيدري‘ هڪٻئي کي وڌيڪ ويجها ۽ هڪ ٻئي جي سخن کان آشنا هئا.“ (ص: 84).
صاحبڏني شاهه بلڙيءَ واري کي، سانگيءَ، مجازي طور ’مرشد‘ سڏيو آهي ۽ سندس وفات تي هن فارسيءَ ۾ ’بماتمِ مرشديم‘ عنوان سان مرتيو به لکيو هو. سانگي، صاحبڏني شاهه کي هن ريت خراج تحسين پيش ڪيو آهي:
وري ورهين کان پوءِ آيو آهي ’صاحبڏنو‘ سائين،
ڏسي مُنهن پاڪ مرشد جو، اکين کي ٺار ٿيو آهي.
-
گُلِ گلزار حيدر جي اچڻ کان اڄ اسان جو گهر،
معَطّر سو سڄو ئي غيرتِ گلزار ٿيو آهي!
-
وڻي هيءَ مصرعِ موزون ’سانگيءَ‘ کي آ مُرشد جي،
حُسن جي فوج جو سهڻو سپهه سالار ٿيو آهي.
(ديوان سانگي (1) ص: 68)
صاحبڏنا سائين مرشد ڪامل، ياد پون ٿيون پيارا پل پل،
محب مٺا منٺار، وارث تنهنجون وايون وايون!
(ڪافي)
صاحبڏنو شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي درگاهه ڪريميءَ جو سجاده نشين هو، پر سندس حقيقي مرشد شاهه عبداللطيف هو، جنهن جو پنهنجي ڪلام ۾ ذڪر به ڪيو اٿس، هونئن به سندس ڪلام تي شاهه لطيف جو نمايان اثر آهي.
ريڊيي پاڪستان حيدرآباد تان ماضي قريب ۾، عابده پروين ۽ محمد يوسف جي آوازن ۾ هڪ پُر سوز ڪافي ٻُڌڻ ۾ ايندي هئي:
من گهُرئي مشتاق سان، جيئري جدائي ڪيمَ ڪر،
برهه وارن ساڻ بيحد بيوفائي ڪيمَ ڪر.
-
جاسين آءٌ جيئرو هجان، تاسين نه ٿي پلُ تون پري،
واسطي الله جي اڄ، وِرهه وائي ڪِيمَ ڪَر!
-
حسن جي سرڪار ۾ عاشق رهن صاحب سدا،
اي ميان ’صاحبڏنا‘، گهر گهر گدائي ڪيمَ ڪر.
ته ان کي اڪثر ٻڌندڙ، سچل سائينءَ جي ڏاڏي ’صاحبڏني فاروقيءَ‘ جي ڪافي سمجهندا هئا، پر اها ڪافي اصل ۾ صاحبڏني شاهه بلڙيءَ واري جي آهي.
سيد صاحبڏني شاهه جي ڪلام جي اصل نسخي بابت روايت ملي ٿي ته اُهو وڃائجي ويو هو. سندس خاندان جي ڪيترن فردن ۽ ٻين محققن اهو ڪلام ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کين ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي. اڳتي هلي صاحبڏني شاهه جي ننڍي پُٽ غلام شاهه ڪريميءَ، ڪوشش ڪري ڪافي ڪلام گڏ ڪيو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ شايد زماني جي بيقدري ۽ وسيلن جي کوٽ جي ڪري، ڇپائي نه سگهيو. ڪيتري عرصي کانپوءِ سندس پونيرن وٽان اهو غلام شاهه ڪريميءَ جي هٿ اکرين لکيل مواد، نامياري ليکڪا، مصور ۽ ڪهاڻيڪار شگفته شاهه کي هٿ آيو. صاحبڏني شاهه جي سهيڙيل ڪلام بابت غلام شاهه ڪريميءَ جي هٿ اکري تحرير ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”سانگي مرحوم جو دور سنڌي شاعريءَ ۾ وڏي اهميت وارو آهي. انهي سهڻي ۽ نامياري سٿ ۾ جيڪي شاعر اچن ٿا، تن ۾ والد مرحوم پير سيد صاحبڏني شاهه ڪريم پوٽي جو هڪ خاص مقام آهي، مگر فلڪ ڪج رفتار مرحوم جي هن اهميت کي جائز هنڌ تائين پهچڻ نه ڏنو، ويتر جو مرحوم جو بياض سندس وفات کانپوءِ وڃائجي ويو. والد بزرگوار 1914ع ۾ وفات ڪئي. بياض وڃائجي وڃڻ کانپوءِ ڪي سال گذري ويا، مگر صاحبڏني شاهه جو ڪلام ڪن جهونن جي واتان ٻُڌڻ ۾ پئي آيو. آخر 1936ع ڌاري جڏهن بياض جي دريافت جا امڪان گهٽ ٿيندا ويا ۽ ٻئي پاسي وري موتَ اُنهن جهونن کي دنيا جي سفر کان ٿڪل مسافرن وانگر پنهنجي هنج ۾ سمهاري ڇڏيو ته مون اهو پڪو پهه ڪيو ته جيتريقدر ٿي سگهي، جن ماڻهن کي والد مرحوم جو ڪلام ياد هو، حاصل ڪري لکي وٺان. اهو ڪم بظاهر سولو ٿي لڳو، پر ڪجهه منهنجي پنهنجي ذاتي مشڪلن ۽ ڪجهه وري ٻهراڙيءَ جي دوستن، مريدن جي اڪثريت جو ناخوانده يا نيم خوانده هئڻ ڪري ڪلام اڻپورو يا غلط سلط پئي مليو. اول الذڪر ذاتي مشڪلن ۾ هڪ مشڪل اها هئي ته والده مرحومه، ايران جي شاهي صفوي خاندان مان، شهزادي محمد رضا آصف صفويءَ جي نياڻي هئي، جنهن جي مادري زبان فارسي هئي. والد مرحوم جڏهن وفات ڪئي ته آءٌ فقط ستن مهينن جو هئس. مون کي ماءُ ۽ ناناڻن ڪراچيءَ ۾ نپايو، تنهنڪري ’سنڌي النسل‘ هوندي به 20، 21 ورهين تائين پوري سنڌي نه ايندي هئم. والد مرحوم جو هڪڙو ۽ شايد پهريون ڪلام زباني والده مرحومه کان ٻڌم ته گهڻو سمجهي ڪونه سگهيس، تاهم دل کي آساسُ پئي آيو. ڪافي هئي:
عُمر! ياد آيا مُون اڄ هِن اباڻا،
وهن نيڻ جن لئه نِيئر ۾ نماڻا!
اباڻي محبت ۽ پيءُ جي وڃايل ڪلام کي سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ آءٌ سنڌي سکڻ کي جُنبي ويس.“
غلام شاهه ڪريميءَ جي هٿ اکرين لکيل ڪلام جو وچور محترمه شگفته شاهه هن ريت ڏنو آهي:
ڪافيون 104 (98 سنڌي، 06 سرائڪي)، غزل 24، جاڳا 02، مولود 06، مدح 01، بيت 14، مشڪوڪ ڪلام: 2 بيت ۽ 2 غزل.
صاحبڏني شاهه جي ڪافين سان گڏ سندس غزلن ۾ به لوڪ رنگ ظاهر آهي، اڪثر غزلن جي اڳيان سُر لکيل آهن، جيئن: سورٺ، درٻاري، ڪانڙو، جوڳ- مغلي، ڀيروي ۽ بهاڳ- ڀوپالي وغيره. هن سهيڙ ۾ ”من گهرئي مشتاق . . . “واري ڪافيءَ کي غزل لکيو ويو آهي. هونئن به سچل سرمست کان وٺي صاحبڏني شاهه تائين لکيل اڪثر غزل ’ڪافي نما غزل‘ آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صاحبڏني شاهه ڪريمي بلڙيءَ واري ڪلام تي تحقيق ڪري، هن ڪلاسيڪي دور جي آخري شاعرن مان هڪ اهم شاعر جو ڪلام شايع ٿيڻ گهرجي.
سيد صاحبڏني شاهه، 3 جون 1914ع تي وفات ڪئي. سندس ٻه ڪافيون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون:
(1) غرق ٿياسين در غب غب،
لاشڪ آهيون لامذهب!
موتو قبل جو پيو پيالو، مست وتان ٿو آءٌ متوالو،
عشق سيکاري رمز عجب!
ڪڏهين مومن هندو چوايون، هر مظهر ۾ پاڻ لڪايون،
سالڪ سمجهن تنهنجو سبب!
صاحبڏنا! ڪثرت سان ڪاهي، وحدت پڙ ۾ واڳ ورائي،
مَرد ڪُڏائن ٿا مرڪب!
(2) رات وِڄن رنگ لاياوي،
بادل هرجا ڪئي بهاري!
مينهن موڪون ڪيون مُلڪ تي،
ريج سريج رَسايا وي!
هر هنڌ هَر وهائن هاري!
ڪڇ، قلات، ڪُلمبو، ڪابل،
واحد ڪُل وسايا وي!
سانوڻ سبزي ڪئي سنڌ ساري!
ڏک، ڏُڪار، ڏُولاوا ڏيهه تان،
واليءَ ڪُل وِڃايا وي!
صاحب جي ڏس هيءَ ستاري!
سارنگ، سورٺ اڄ سنگهارن،
گيتَ ڳهن ۾ ڳايا وي!
مُنهن مرڪن، چون ملاري!
صاحبڏنا، اڄ اڱڻ اسان جي،
دوست هلي گهر آيا وي!
پِرين پَت پِرت جي پاري!
1914.06.03 عيسوي
سيد صاحبڏني شاهه، 3 جون 1914ع تي وفات ڪئي