سيد صادق علي شاھہ سبزواري

سيد صادق علي شاھہ، سبزواري: نامياري وڪيل سيد صادق علي شاھہ سبزواريءَ جو سيوهڻ شھر جي تعليم يافتہ شخصيتن ۾ شمار ٿيندو هو. شاھہ صاحب ڪجهه وقت سيوهڻ جي ميونسپالٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو، بلند خيال ۽ خدمت ڪرڻ واري جذبي کيس سيوهڻ جي ماڻهن ۾ هر دلعزيز بڻايو.
سيد صادق علي شاھہ سبزواري هڪ قابل زميندار ۽ وڪيل هئڻ سان گڏ هڪ همدرد ۽ ڀلائي ڪندڙ انسان هو. ملڪ جي ڪيترن ئي نامور سياسي توڙي سماجي رهنمائن سان شاھہ صاحب جا سٺا تعلقات هوندا هئا.
حضرت لعل شھباز قلندر جي سجادہ نشين هئڻ ڪري پوري ملڪ جا حڪمرا ن ۽ سياسي ليڊر سندس وڏو احترام ڪندا هئا. ڪڏهن بہ باقاعدي ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل نہ رهيو. سندس خيال هو تہ طاقت جي سياست کان بهتر آهي تہ شراڪت واري سياست ۾ بھرو وٺجي. شـراڪت جـي سـياست مان سندس مراد ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرائڻ واري سياست هئي، جنهن ذريعي صاحب اقتدار توڙي مخالف ڌار جي سياستدانن کي بي لوث جذبي سان ڪم ڪرڻ گهرجي.
سيد صادق علي شاھہ حڪيم محمد مراد صديقيءَ جو همعصر ۽ هم درس هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو