
سيد صالح شاهه نئنگ وارو
سيد صالح شاھہ نئنگ وارو: سيد صالح محمد شاھہ 1910ع ڌاري ڳوٺ نئنگ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو الھہ بخش شاھہ جيلاني هو. سندس حسب نسب حضرت عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو. بلوچ هن خاندان جي گهڻي تعداد ۾ مريد آهن. بلوچن هن خاندان کي ’مير‘ جو لقب ڏنو، جيڪو بلوچي خاندان ۾ وڏي عزت ۽ مرتبي وارو سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري هن خاندان کي ’مير سيد‘ سڏيو وڃي ٿو. سيد صالح شاھہ کي سندس والد ڪا تعليم ڏياري نہ سگهيو. هو صرف سنڌي، اردو ۽ فارسي زبانون ڳالهائي ۽ سمجهي سگهندو هو، پر لکي ۽ پڙهي نہ سگهندو هو. سندس مريدن جو وڏو تعداد ڪيچ مڪران ۽ قلات کان وٺي ڀاڳناڙيءَ ۽ ڪاڇي واري علائقي ۾ رهندو هو. مير صالح محمد شاھہ پنھنجي والد سان گڏ راڄن جا فيصلا ڪرڻ ويندو هو ۽ والد کانپوءِ اها پيري مريديءَ جي پڳ کيس ٻڌائي وئي. هندو توڙي مسلمان سندس احترام ڪندا ۽ ساڻس عقيدت رکندا هئا. 1945ع ۾ سنڌ ڪانگريس طرفان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان وقت اسيمبليءَ ۾ اڪثريت ڪانگريس جي ٿي هئي، انگريز گورنر سر موڊي اسيمبلي ٽوڙي پنھنجي طاقت جي زور تي مسلم ليگ کي ڪامياب ڪرايو. ان ڪري شاھہ صاحب سياسي سرگرمين کان پاسيرو رهي خاموش گذارڻ کي ترجيح ڏني چوندو هو تہ ”سياست ۾ چالبازي ۽ دوکو نہ هجڻ گهرجي. عوام جي حقن جو خيال رکڻ گهرجي، جن جي ووٽن سان ايوانن تائين پهچجي ٿو.“
سيد صالح شاھہ صابر، بردبار، بااخلاق ۽ سادي طبيعت جو مالڪ هو. سندس شادي عزيزن مان ٿيل هئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ مير الھہ بخش ثاني ٿيو. مير سيد صالح شاھہ 1957ع ۾ وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان نئنگ شريف ۾ دفن ڪيو ويو.