
سيد صالح محمد شاهه 2
سيد صالح محمد شاھہ2: نامور تعليمي ماهر ۽ محقق، سيد صـالح مـحمـد شاھہ ولد سيد ڏتل شاھہ، 15 جنوري 1925ع تـي ڳوٺ امين لاکي، هاڻوڪي ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1945ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. 1952ع ۾ ڪاليج جو ٻيو سال پاس ڪرڻ کان پوءِ ترقي ماڻيائين. هن مختلف اسڪولن ۾ مقرريءَ دوران سوين شاگردن کي فائنل جا امتحان پاس ڪرايا، 1962ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سڪرنڊ ۾ استاد مقرر ٿيو، 1968ع ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار طور مقرري ٿي، جتان پوءِ ڊگري ڪاليج ٽنڊي جان محمد ۾ خدمتون سر انجام ڏنائين. 1970ع کان وٺي رٽائرمينٽ تائين ماهر مضمون طور هن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ذميواريون نڀايون.
سيد صالح محمد شاھہ مطالعي جو وڏو ذوق رکندو هو، هن تحقيق ڪري ’پير رشد ﷲ شاھہ راشديءَ جو ڪلام‘ عنوان تي پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي. مختلف درسي ڪتابن کان سواءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ڪيترن ئي ڪتابن جي ادارت ۽ نظرثاني ڪيائين. سندس ترجمن جا ٻہ ڪتاب ’سيرت رسول صلي ﷲ عليہ وسلم‘ (سليمان ندوي) ۽ عبدالله ابن مسعود شايع ٿيل آهن. ان کان سواءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سندس تيار ڪيل ’هارپي جي لغت‘ پڻ ڪئي آهي.
سيد محمد صالح شاھہ 61 ورهين جي ڄمار ۾ 1986ع ڌاري وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
1925.01.15 عيسوي
نامور تعليمي ماهر ۽ محقق، سيد صـالح مـحمـد شاهه ولد سيد ڏتل شاهه، 15 جنوري 1925ع تـي ڳوٺ امين لاکي، هاڻوڪي ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. سيد محمد صالح شاهه 61 ورهين جي ڄمار ۾ 1986ع ڌاري وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.