سيد صلاح الدين شاھہ: سيد صلاح الدين شاھہ، سيد صدرالدين شاھہ لڪياريءَ جو ڀائيٽو هو. قلندر لعل شھباز سان لڪيءَ مان گڏجي سيوهڻ پهتو ۽ سندس طالب ٿيو، قلندر شھباز جي وصال کانپوءِ سندس مسند جو وارث ۽ سجادہ نشين ٿيو. هن سيوهڻ ۾ هڪ مسجد ۽ مدرسو تعمير ڪرايو، جيڪو ’شاھہ صدرالدين‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. سيوهڻ ۾ سندس قائم ڪيل ’شاھہ اولاديءَ‘ جي ڪافي مشھور آهي، جنهن جو هن وقت خليفو محرم شاھہ آهي.
تحفة الڪرام جي مصنف لکيو آهي ته، ”شاھہ صلاح الدين لڪياري ساداتن مان هو، پنھنجي ذاتي صلاحيتن جي طفيل دين خواه دنيا ۾ نالو ڪمايائين ۽ قلندر لعل شھباز جي وصال کانپوءِ ابراهيم شاھہ جتي ستيءَ جو طالب ٿيو ۽ لعل شھباز جي درگاھہ جي سجادہ نشين ٿيو.“