سيد عالم شاھہ: سيد عالم شاھہ ولد علي مير شاھہ، مٽيارين جي عيسي پوٽه ساداتن مان مشھور سياسي شخصيت آهي. هن 8 مئي 1942ع تي مٽيارين ۾ عيسا پوٽي محلي ۾ جنم ورتو. سندس ننڍپڻ ٺٽي ضلعي جي دڙي شھر ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري پڙهيو ۽ مئٽرڪ
نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1961ع ۾ ڪيائين. 1962ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ داخلا ورتائين ۽ 1964ع ۾ پڙهڻ ڇڏي، دڙي ۾ وڃي زمينداري ڪيائين. 1966ع ۾ زرعي يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ پنھنجي دوست رجب علي ميمڻ جي معرفت سندس ملاقات نامياري سياستدان رسول بخش پليجي سان ٿي ۽ پوءِ سڄي زندگي سندس سياسي رفيق رهيو.
1969ع ۾ عوامي تحريڪ ٺٽي ضلعي جو صدر ۽ مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. 1974ع ۾ شادي ڪيائين. 1975ع ۾ ’تحريڪ‘ رسالي جو ايڊيٽر ٿيو. 1979ع ۾ ’تحريڪ‘ رسالي ۾ مارشل لا مخالف مواد ڇاپڻ جي ڏوھہ ۾ جيل ويو ۽ ٻہ سال سزا ڪاٽيائين. 1986ع ۾ عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جو صدر ٿيو. 1987ع ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ جو سينيئر نائب صدر ٿيو. 1988ع ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿيو. 2009ع ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر نائب صدر ٿيو. سيد عالم شاھہ ٻہ ڀيرا پارٽي پاران لنڊن جا دورا ڪيا. خان عبدالغفار خان جي ميت سان، پارٽيءَ جي نمائندگي ڪندي، جلال آباد، افغانستان ويو.
سياسي حيثيت کانسواءِ سيد عالم شاھہ مٽياري تعلقي جي سماجي شخصيت بہ آهي. هي مٽياري ايڪشن ڪميٽيءَ جو سرپرست رهيو آهي. وڏي سياسي اڳواڻ هئڻ جي باوجود عام ڪارڪنن وانگر ڪم ڪندو آهي. هن وقت بہ عوامي تحريڪ جي هر مرڪزي فيصلي ۾ سندس راءِ کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي.
1942.05.08 عيسوي
سيد عالم شاهه ولد علي مير شاهه، مٽيارين جي عيسي پوٽه ساداتن مان مشهور سياسي شخصيت آهي. هن 8 مئي 1942ع تي مٽيارين ۾ عيسا پوٽي محلي ۾ جنم ورتو.