سيد عبدالخالق جيلاني

سـيد عـبدالـخـالق جـيـلاني: عالم ۽ بزرگ سيد عبدالخالق، گهوٽڪيءَ جي مشھور بزرگ پير سيد موسيٰ شاھہ جو پوٽو سيد دوست محمد جيلانيءَ جو فرزند هو. هو پنھنجي ڏاڏي وانگر ظاهري ۽ باطني ۾ ڪمال رکندو هو. گهڻن ماڻهن کانئس فيض حاصل ڪيو. سندس علم جي وڏي هاڪ هوندي هئي، مريدن ۽ طالبن جا وٽس هميشہ ميڙ رهندا هئا. پاڻ هميشہ ماڻهن کي حق ۽ سچ جي راھہ تي هلڻ جي هدايت ۽ تلقين ڪندو هو، کيس ديني ڪمن سان گهڻو لڳاءُ هوندو هو، پنھنجي وقت جا وڏا عالم ۽ بزرگ وٽس اچي ديني معاملن ۾ راءِ وٺندا هئا. ڪيترائي طالب وٽس رهي تعليم پڻ حاصل ڪندا هئا.
هن بزرگ جي وفات تي فقير گل محمد قطع تاريخ لکي، جنهن مطابق سندس وفات جو سال 1205ھہ/1790ع آهي. سندس مزار گهوٽڪيءَ ۾ جيلاني بزرگن جي وڏي خانقاھہ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو