سيد عبدالرحيم شاھہ سجاولي

سيد عبدالرحيم شاھہ سجاولي: آزادي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ عالم سيد حاجي عبدالرحيم شاھہ ولد محمد رحيم شاھہ، 4 ربيع الاول 1295ھہ/ 18 مارچ 1878ع تي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. شاھہ صاحب مٽياري سيدن جي خاندان مان هو. سيد عبدالرحيم شاھہ وارا ٽـي ڀـائـر هـئا: سـيد هـاشـم شاھہ، سـيد عـبدالـرحـيـم شـاھہ ۽ سيد نواز علي شاھہ. سندس والد جون ٻہ شاديون هيون، سندس ننڍو ڀاءُ ٻيءَ شـادي مـان هو. سـيد مـحمـد رحيـم شاھہ کي پهريان ڪا وڏي زمينداري نہ هئي، پر محنت ۽ ڪفايت شعاري ڪري، هڪ هندو ڀاٽيي کان ’قهرڪي‘ نالي مڪان تعلقي سجاول ۾ خريد ڪري، ملڪيت وڌائي، ساري زمين هٿ ڪيائين.
ميان محمد رحيم شاھہ ٻنهي وڏن پٽن کي ماستر عبدالڪريم مٽيارين واري وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو. سيد عبدالرحيم شاھہ ابتدائي تعليم ماستر عبدالڪريم مٽياريءَ واري کان حاصل ڪرڻ کانپوءِ قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم آخوند محمد عثمان ميمڻ جي مڪتب ۾ ورتي. وڌيڪ تعليم لاءِ سندس والد ٻيلي ڳوٺ مان مولوي حامد کي لڏائي اچي سجاول ۾ ويهاريو ۽ کيس ديني مدرسو کولائي ڏنو، جتي عبدالرحيم شاھہ ۽ هاشم شاھہ پڙهڻ لڳا. 1888ع ۾ سندن والد گذاري ويو، جنهن بعد سندن عزيز ۽ ڀيڻويي قادر ڏني شاھہ سندن ڪاروبار اچي سنڀاليو ۽ سيد عبدالرحيم شاھہ وارن جي تربيت ڪئي. ان بعد هنن ڪجهہ وقت زمين سنڀالي، ميان هاشم شاھہ ۽ عبدالرحيم شاھہ جي وڏي ٿيڻ تي سيد قادر ڏني شاھہ زمين سندن حوالي ڪئي.
سيد عبدالرحيم شاھہ جي شادي ٺٽي شھر جي بخاري سيدن مان، سيد تاج محمد شاھہ جي نياڻيءَ سان 8 مارچ 1901ع ۾ قادرڏني شاھہ جي نگرانيءَ ۾ ٿي. قادر ڏني شاھہ، ٽنهي ڀائرن کي مائٽاڻي زمين ابتدا کان ورهائي جدا ڪري ڏني هئي.
عبدالرحيم شاھہ جو وڏو ڀاءُ سيد هاشم شاھہ 54 سالن جي عمر ۾ 26 آڪٽوبر 1918ع تي وفات ڪري ويو. ان ڪري هن تعليم کان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ، پنھنجي ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾، سجاول ۾ ذاتي خرچ تي مولانا محمد صادق کڏي واري ۽ مولوي فتح محمد سيوهاڻيءَ جي مشوري سان ’مدرسہ هاشميه‘ قائم ڪيو ۽ ان لاءِ هن 230 ايڪڙ زمين وقف ڪري، ٽرسٽ بورڊ ٺاهي، ان جي حوالي ڪئي. مدرسي لاءِ سيد هاشم شاھہ جو عاليشان بنگلو بہ بورڊ جي حوالي ڪيائين ۽ پوءِ ان جي جاين ۽ ملڪيتن ۾ واڌارو ڪندو ويو. بورڊنگ هائوس، استادن جي رهڻ جون جايون وغيرہ ٺهرايائين. شھر ۾ هڪ عاليشان جامع مسجد دڪانن سميت ٺهرايائين، مدرسہ هاشميه جو بنياد 30 جنوري 1921ع ۾ پيو ۽ جامع مسجد 1925ع ۾ ٺھي تيار ٿي.
سيد عبدالرحيم شاھہ سنڌي توڙي فارسيءَ مان بخوبي واقف هو. قرآن شريف با محاوري معنيٰ سان پڙهيل هو. سندس هٿ اکر نهايت سھڻا هئا. نماز، روزي جو پابند هو. اشراق ۽ تھجد نمازون بہ پڙهندو هو. علم ۽ عالمن سان گهڻي دلچسپي هئس. سندس دستر خوان اهل علم ۽ دوستن وغيرہ لاءِ هميشہ کليل هوندو هو. عام زميندارن وانگر ڪامورن ۽ آفيسرن جي خوشامد کان پري هو. هن جو مولانا محمد صادق کڏي واري، مولوي محمد سليمان ٻنوي ۽ مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي صحبتي هئڻ ڪري ’جمعية العلماء هند‘ سان واسطو هو ۽ ساڻن گڏجي خلافت تحريڪ جي ڪيترين ڪانفرنسن ۾ حصو ورتو هئائين. ان ڪري سندس مولانا ڪفايت دهلوي، مولوي حسين احمد مدني، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ ٻين هندستان جي عالمن سان گهرا تعلقات پيدا ٿي چڪا هئا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي 1930ع ۾، بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. شاھہ صاحب، حـيـاتـيءَ ۾ ڏھہ حج ڪيا. مذهب جو پابند هو. دارالـعلـوم ديـوبنـد جي ترقي پسند ۽ اعتدال پسند عالمن سان واسطو رکندو هو. سندس سرپرستيءَ ۾ شاهبندر سب ڊويزن جي عالمن جي هڪ جماعت ’دارالفتاويٰ‘ قائم ڪئي، جنهن ذريعي هن سنڌ مان معاشي براين ۽ سماجي خرابين کي دور ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. 1939ع ۾ جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي جلاوطني ختم ڪري سنڌ موٽيو، تہ ساڻس گڏجي وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيائين.
جي. ايم سيد پنھنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾، سيد حاجي عبدالرحيم شاھہ سان پنهنجن تعلقات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ ساڻس سندس واسطو جنوري 1925ع ۾ ڪراچي ضلعي زميندار ائسوسيئيشن جي سلسلي ۾ ٿيو هو. جنهن جو بعد ۾ کيس صدر چونڊيو ويو. جي. ايم سيد کي 1925ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جو چيئرمئن چونڊائڻ ۾ عبدالرحيم شاھہ سجاوليءَ جو خاص هٿ هو. جي. ايم سيد ساڻس ڪراچي زميندار ائسوسيئيشن جي سيڪريٽري ۽ مدرسہ هاشميه جي ٽرسٽيءَ جي حيثيت ۾ ماتحت رهي توڙي اسڪول بورڊ ۽ لوڪل بورڊ ۾ گڏجي ڪم ڪيو. هندستان جي سير وقت بہ جي. ايم سيد سانس اڌ مهينو گڏ هو. ضلعي ڪراچيءَ ۾ بالغن جي تعليم ۽ عام تعليم جي سلسلي ۾ ٻنهي گڏجي ڪافي ڪم ڪيو.
سيد عبدالرحيم شاھہ 2 شعبان 1366ھہ مطابق 22 جون 1947ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1878.03.18  عيسوي

آزادي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ عالم سيد حاجي عبدالرحيم شاهه ولد محمد رحيم شاهه، 4 ربيع الاول 1295هه/ 18 مارچ 1878ع تي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.


1947.06.22  عيسوي

سيد عبدالرحيم شاهه 2 شعبان 1366هه مطابق 22 جون 1947ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اي ٽي شھاڻي
دين محمد اديب فيروزشاهي
عبدالباسط ٺٽوي شيخ
حاجي حسين
شيخ محمد حيات سنڌي
سيد محمد مبارڪ جيلاني
مخدوم عبدالواسع صديقي سيوستاني
محمد عظيم شيدا مولوي
ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي
ذاڪري سيد محمد شاھہ
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون