سيد عبداللطيف بخاري: سيد عبداللطيف شاھہ ولد سيد عبدالرزاق شاھہ بخاريءَ جا وڏا اچ شريف جا هئا، جتان لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا. اڳتي هلي سيد عبداللطيف بخاريءَ سيوهڻ اچي وسايو، جھانگير بادشاھہ هن بزرگ تي ڏاڍو راضي ٿيو، کيس شاهي خزاني مان ڪافي ڪجهه ڏنائين ۽ ديھہ ڪڇي تعلقي سيوهڻ ۾ جاگير بہ ڏنائين. هي سيد صاحب ذاتي بزرگي ۽ سهڻين صفتن جي ڪري وقت جي بزرگن ۾ شامل رهيو آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي هن بزرگ جي ناناڻڪي نک مان هو، جنهن هن سيد جو احوال پنھنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ تحرير ڪيو آهي.