سيد عبدالله شاهه:

سيد عبدالله شاهه:

سيد عبدالله شاھہ:

سيد عبدالله شاھہ: مشھور سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاھہ، 1934ع ۾ تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ باجارا ۾ مشھور زميندار سيد مراد علي شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم باجارا ۾ ورتائين، جڏهن تہ مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول دادوءَ مان ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ لاهور ويو، جتان بي. ايس. سي پاس ڪري بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ ايل. ايل. بي ڪرڻ بعد وڪالت شروع ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ سندس خاندان باجارا مان لڏي ڀان سيدآباد لڳ واهڙ ڳوٺ ۾ اچي ويٺو، جتي پوءِ اهو ڳوٺ سندس والد مراد علي شاھہ جي نالي سان مشھور ٿيو.
سيد عبدالله شاھہ، شجاع محمد راهپوٽي جي سهڪار ۽ صلاح سان سياست ۾ 1964ع ڌاري داخل ٿيو ۽ 1965ع ۾ بوبڪ يونين ڪائونسل جو چيئرمئن چونڊيو. پنھنجي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي ڪري عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪيائين. 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت ڪيائين ۽ ملڪي سطح تي ٻيو نمبر گهڻا ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. کيس سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. جنوري 1973ع ۾ خوراڪ، زراعت ۽ باهمي امداد کاتن جو وزير ٿيو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت کانپوءِ، هن جا پيپلز پارٽيءَ سان اختلاف ٿيا. ايم. آر. ڊي جي تحريڪ ۾ هن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 1985ع ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ صوبائي تڪ تان سيد ڪوڙل شاھہ سان مقابلو ڪيائين، پر ڪامياب ٿي نہ سگهيو. 1988ع ۾ ٻيهر پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ايم. پي. اي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو. 1988ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو، جڏهن تہ 1990ع ۾ سينيٽر چونڊيو ويو. 1993ع ۾ هن ايم. اين. اي جي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني، پر پارٽي قيادت اها رد ڪري، کيس ايم. پي. اي جي سيٽ لاءِ ٽڪيٽ ڏني ۽ ڪاميابيءَ کانپوءِ کيس سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. هن وڏوزارت دوران ڪافي ترقياتي ڪم ڪيا. کيس پڙهيل ڳڙهيل وزيراعليٰ طور ياد ڪيو وڃي ٿو. هن پنھنجي دور ۾ جيسلمير ۽ جهوناڳڙھہ، سنڌ حوالي ڪرڻ جي گهر ڪئي، اهي ماضيءَ ۾ سنڌ جو حصو آهن. هن ڪيٽي بندر جي ٻيهر اڏاوت ۽ ٿر جي ڪوئلي بابت ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي پراجيڪٽ جي پيڙھہ جو پٿر رکيو. هن جا پارٽيءَ جي ساٿين سان گڏ مخالفن سان بہ سٺا ذاتي لاڳاپا هئا. فنڪشنل ليگ جو اڳوڻو سربراھہ سيد شاھہ مردان شاھہ پير پاڳارو کيس ’لڪياريءَ جو لعل‘ سڏيندو هو.
سندس وڏوزارت دوران ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ٿيو، ردعمل ۾ دهشتگردن سندس ڀاءُ سيد احسان علي شاھہ کي شھيد ڪري ڇڏيو. هن جي دور ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو موڀي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو ڪراچيءَ جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ستن ساٿين سميت شھيد ٿيو، ان واقعي کانپوءِ هن پنھنجي استعيفا ان وقت جي وزيراعظم محترمہ بينظير ڀٽو کي موڪلي ڏني، جيڪا هُن رد ڪري کيس پنهنجون ذميواريون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. ستت ئي صدر فاروق لغاري اسيمبليون ٽوڙي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ڪئي. هن تي بہ ڪيترا ڪيس داخل ٿيا. 10 سال ملڪ کان ٻاهر آمريڪا ۾ رهيو، ۽ 2007ع ۾ سندس 20 ڪيسن ۾ گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت منظور ٿي.
سيد عبدالله شاھہ، ڪينسر جي موذي مرض ۾، 14 اپريل 2007ع ۾ 72 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس ٻہ پٽ سيد مراد علي شاھہ ۽ سيد سجاد علي شاھہ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2007.04.14  عيسوي

مشهور سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه، 1934ع ۾ تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ باجارا ۾ مشهور زميندار سيد مراد علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. 14 اپريل 2007ع ۾ 72 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيمس لوئيس مينس
چاڻڪيه
حسين بخش سخيراڻي
جيلاني ولايت شاھہ سيد
شاھہ حبيب
ڦلو مل ميگهواڙ ڊاڪٽر
امام علي سومرو
شفيع لاهوري مولانا
اسماعيل فقير ڏيرو
عثمان صديقي مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون