سيد عبدالله شاهه غازي جي مزار جو ڏيک

سيد عبدالله شاهه غازي جي مزار جو ڏيک

سيد عبدالله شاھہ غازي

سيد عبدالله شاھہ غازي: هن جو نالو سيد عبدالله ۽ لقب ’الاشتر‘ آهي. سندس والد جو نالو سيد محمد نفس ذڪيه ۽ ڏاڏي جو نالو سيد عبدالله هو. پنجين پيڙهيءَ ۾ سندس سلسلو حضرت علي عليہ السلام سان ملي ٿو. سيد صاحب جي ولادت مديني ۾ 98ھہ/ 716ع ۾ ٿي. سندس تعليم ۽ تربيت والد وٽ ٿي. کيس ’حديث‘ جي اڪابرين ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. سندس مزار ڪلفٽن ويجهو سمنڊ جي ڪناري تي ڪراچيءَ ۾ آهي.
ٻيءَ صدي هجريءَ ۾ بنو اميه جي حڪومت هئي، تڏهن عباسين جي خلاف خروج ڪندي، سن 138ھہ/ 755ع ۾ سيد محمد ’نفس ذڪيه‘ عرب مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ خلافت جي دعوت جو آغاز ڪيو. سيد نفس ذڪيه پنھنجي ڀاءُ ابراهيم کي بصري روانو ڪيو. ان ئي دؤر ۾ والد جي حڪم تي سيد عبدالله بہ مدينو ڇڏي بصري روانو ٿيو. جتان پوءِ هو پنھنجي وطن کي هميشہ لاءِ ڇڏي اچي سنڌ نڪتو. ڪجهہ لکندڙن جو خيال آهي تہ هو خلافت جي دعوت جي حوالي سان سنڌ ۾ آيو هو. ڪن مؤرخن جو خيال آهي تہ سيد عبدالله شاھہ اسلام جي تبليغ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ سوين ماڻهن کي اسلام جي دائري ۾ آندائين. سنڌ ۾ هن جي آمد خليفي منصور عباسيءَ جي دؤر ۾ ٿي. هن ملڪ ۾ جيڪي اوائلي سادات پهتا، سيد عبدالله شاھہ جو شمار انهن ۾ ٿئي ٿو.
سيد عبدالله شاھہ غازيءَ جا سوانح نگار هن راءِ جا آهن تہ يا تہ هو اصحابي هو، يا وري کيس تابعي هجڻ جو اعزاز حاصل هو. ڪجهہ لکندڙن سيد صاحب کي تبع تابعي بہ سڏيو آهي. سيد صاحب جي شهادت جو واقعو ڪجهہ هن طرح پيش آيو. جڏهن عمر بن حفص سنڌ جي گورنريءَ تان معزول ٿيو، تڏهن هشام بن عمرو سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. هشام جي ڀاءُ سفيح بن عمروءَ جو سيد عبدالله شاھہ جي لشڪر سان تصادم ٿيو. سيد صاحب سندس لشڪر سان پنهنجن مريدن سان گڏ سنڌو درياھہ جي ڪناري سان، هڪ ميدان تي وڏي ويڙھہ دوران 151ھہ ۾ شھيد ٿي ويو. سندس مريدن همٿ ڪري سندس لاش کي آڻي سمنڊ ڪناري ’ڪلفٽن‘ وٽ هڪ ٽڪريءَ تي ان ريت دفن ڪيو، جو سندس مخالفن کي ان جي خبر نہ پوي. گهڻو عرصو پوءِ سندس مزار تي مقبري ۽ درگاھہ جي تعمير ٿي. سيد عبدالله شاھہ بابت هيءَ تحقيق مولانا محمد اقبال نعيمي صاحب پيش ڪئي آهي (تذڪره اولياءِ سندھہ، ص 108-109، ڪراچي 1987ع).
سيد عبدالله شاھہ جو ڪجهہ احوال مولائي شيدائي (جنت السنڌ) ڪتاب ۾ ڪنهن طرح مختلف انداز سان ڏنو آهي. هو لکي ٿو تہ سنڌ ۾ اوائلي شيعت جو عبدالله شاھہ بہ هڪ مکيہ ڪردار آهي. مولائي مرحوم البت سندس مزار ۽ مقبري بابت خاموش آهي. مولانا عبدالحليم شرر پنھنجي ڪتاب (سنڌ جي تاريخ، سنڌي ترجمو: اشرف علي سمون، شڪارپور: 2005ع) ۾ پڻ عبدالله الاشتر جي سنڌ ۾ سرگرمين ۽ شهادت جو مفصل ذڪر ڪيو آهي.
دلچسپ حقيقت هيءَ آهي تہ سنڌ ۾ لکيل اسلامي دؤر جي تاريخي ماخذن ۽ اوليائن بابت لکيل تذڪرن ۾ سيد عبدالله شاھہ غازيءَ جو ذڪر نہ ٿو ملي.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ’چچ نامھ‘ (فارسي، ص: 255) جي حاشين ۾ لکيو آهي ته، عبيدالله بن نبهان، جنهن کي حجاج، بديل بن طهفة البجليءَ کان اڳ، ديبل تي چاڙهي موڪليو هو، هيءَ مزار ان بزرگ جي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جنهن پوءِ هن موضوع تي وڌيڪ تحقيق ڪئي، سو ڊاڪٽر دائودپوٽي جي راءِ سان اختلاف ڪري ٿو. هو لکي ٿو تہ ٽين صدي هجريءَ جي عرب مؤرخ بلاذريءَ موجب، بديل بن طهفة جي قبر موجود هئي ۽ نہ عبيدالله بن نبهان جي. ٻيو تہ ڪلفٽن واري موجودہ مزار عبدالله شاھہ بخاريءَ طرف منسوب آهي ۽ سنڌ اندر بُخاري سيدن جي آمد جو زمانو ڪافي پوءِ جو آهي (چچ نامو، ص: 387- 388). سنڌ جي هڪ ٻئي نامور عالم ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻتاريخ سنڌ- عرب دؤر‘ ۾ سيد عبدالله جو ذڪر ڪيو آهي. پاڻ لکي ٿو تہ: سنڌ ۾ شيعت جو اثر عباسي خليفي المنصور جي دور ۾ پهتو. ان دور ۾ عبدالله بن الاشتر الحسيني سنڌ ۾ گهوڙن جي واپاريءَ جي روپ ۾ پهتو. سنڌ جي گورنر عمر بن حفص المهلبيءَ کيس پناھہ ڏني ۽ خدمت چاڪري ڪئي. ان ڪري خليفي ناراض ٿي عمرو کي آفريڪا بدلي ڪيو ۽ هشام بن عمرو التغلبيءَ کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليو. هشام اچڻ شرط عبدالله بن الاشتر کي مارائي ڇڏيو.
علم ۽ تحقيق جي تقاضا آهي ته، سيد عبدالله شاھہ غازيءَ بابت، سڀني رُخن کان کوجنا ڪري حقيقتن کي نروار ڪجي، جي. ڊبليو. سمٿ ’سنڌ گزيٽيئر-ڪراچي ضلعو‘ سال 1919ع ۾ ڇپرائي نروار ڪئي. ان ۾ ڪلفٽن جي مزار ۽ مقبري جو ذڪر ڪونهي. شايد هي تعميرات قيام پاڪستان کان پوءِ جي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو