درگاهه سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني

درگاهه سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني

سيد عبدالوهاب شاھہ جيلاني

سيد عبدالوهاب شاھہ جيلاني: سيد عبدالوهاب شاھہ، سنڌ جو مشھور بزرگ ۽ عارف ٿي گذريو آهي. سندس تعلق جيلاني ساداتن سان هو. پاڻ وقت جي مشھور بزرگ ۽ جيد عالم سيد احمد شاھہ جو فرزند هو، ننڍيءَ عمر ۾ ئي عربي، سنڌي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل ڪري ورتائين. سندس طريقو قادري هو ۽ 20 سالن تائين پيري مريديءَ واري سلسلي سان لاڳاپيل رهيو، ان کانپوءِ دنيا کان منهن موڙي، تارڪ ٿي، جبلن جي اوٽ ۾ ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿي ويو.
سيد عبدالوهاب شاھہ جيلاني، شريعت جو پابند هو. ست حج بہ ڪيائين. وقت جو عالم ۽ مفتي هو. ڪيتريون فتوائون بہ جاري ڪيائين. 80 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
سندس مزار پڪي قلعي لڳ مولا عليءَ جي قدمن سان گڏ حيدرآباد ۾ آهي، جتي هر سال 26، 27 ۽ 28 ربيع الثانيءَ تي ميلو لڳندو آهي.


لفظ سيد عبدالوهاب شاھہ جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو