سيد عزت علي شاھہ

سيد عزت علي شاھہ: سيد عزت علي شاھہ ولد سيد موٽيل شاھہ سيوهڻ جي سبزواري ساداتن مان هو. هو پنھنجي والد جي نقش قدم تي هلندي هر مهيني جي ايڪهين تاريخ خيرات ڪندو هو، غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جي مدد ڪندو هو ۽ انهن سان همدردي ڪندو هو. درگاھہ قلندر لعل شھباز تي روزانو رات جو حاضري ڀريندو هو ۽ خدمت بہ ڪندو هو. سيد عزت علي شاھہ عملي طور تي سياست کان پري رهيو، پر وٽس سياستدانن جا ميڙاڪا متل رهندا هئا. سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد عبدالله شاھہ سندس عزيز هو. حڪيم مخدوم محمد مراد صديقيءَ سان سندس ويجهڙائپ هئي. سندس مريدن ۽ عقيدتمندن جو وڏو حلقو هو، اڪثر ’ٻلال‘ قبيلي جا ماڻهو سندس مريد آهن. پاڻ تعليم يافتہ هو ۽ نوجوان نسل کي تعليم لاءِ همٿائيندو رهندو هو، نہ صرف ايترو، پر پنھنجي وس آهر ڪوششون وٺي مسڪين ۽ بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون بہ وٺائي ڏيندو هو.


لفظ سيد عزت علي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو