
سيد عطا حسين شاهه موسوي
سيد عطا حسين شاھہ موسوي: سيد عطا حسين ولد سيد ويڌل شاھہ موسوي 1898ع ڌاري روهڙي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم روهڙيءَ مان حاصل ڪئي، 1917ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ۽ 1921ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين. انهيءَ سال کيس شڪارپور هاءِ اسڪول جو استاد مقرر ڪيو ويو. 1923ع ۾ هن بمبئيءَ مان بي. ٽي جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ هي نوشهري مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو. ڪجهہ وقت کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جي بورڊنگ هائوس جو سپرنٽينڊنٽ ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جو استاد ٿي رهيو. ان کانپوءِ ميرپورخاص هاءِ اسڪول ۾ 1927ع ڌاري هيڊماستر مقرر ٿيو. ان دوران هن عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ هن کي ڪجهہ وقت لاءِ مُلا اسڪولن جو ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. 1929ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر جي اسڪولن جو ائڊمنسٽريٽو آفيسر مقرر ٿيو. 1941ع ۾ کيس اتر سنڌ جي اسڪولن جو اسسٽنٽ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. 1947ع ۾ کيس زميندار ڇوڪرن جي اسڪولن لاءِ ڊائريڪٽر ڪري رکيو ويو. 1950ع ۾ کيس سنڌ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر اسڪولس مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تان 1953ع ۾ رٽائر ٿيو.
سيد عطا حسين شاھہ جي باري ۾ ’جي. ايم سيد‘ پنھنجي ڪتاب ’جُنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکي ٿو تہ: هن جتي بہ نوڪري ڪئي تہ ان حد جي زميندار ۽ زيردستن سان دوستانا تعلقات قائم ڪيا، جيڪي زندگيءَ جي آخر دم تائين رهيا. تر جي ماڻهن جون وس آهر خدمتون سرانجام ڏنائين.
سيد عطا حسين شاھہ ڪيترا ڪتاب پڻ تصنيف ڪيا، جن ۾: (1) ’ڪچ ڪوڏيون‘ ۽ (2) پير ميان صاحبڏني شاھہ بلڙيءَ واري جي ڪافين جو ڪتاب قابل ذڪر آهن.
سيد عطا حسين شاھہ جون 1966ع ۾ وفات ڪئي. سندس ٻہ فرزند سيد شفقت حسين شاھہ موسوي ۽ سيد امداد حسين شاھہ هئا، جن مان سيد شفقت حسين شاھہ سنڌ اسيمبليءَ جو 1953ع ۾ ميمبر چونڊيو ۽ پارليامينٽري سيڪريٽري پڻ رهيو.