سيد علي اڪبر شاهه

سيد علي اڪبر شاهه

سيد علي اڪبر شاھہ

سيد علي اڪبر شاھہ: سيد علي اڪبر شاھہ، 2 فبروري 1901ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾، سيد احمد شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم جا چار درجا پرائمري اسڪول ميهڙ ۾ پڙهيو ۽ هاءِ اسڪول ۾ صرف ٽي درجا انگريزي پڙهيو. فارسي تعليم ۽ ناظره قرآن پاڪ مولوي عبدالوهاب ڪنڀر ڳوٺ گاهي مهيسر واري وٽ پڙهيو ۽ عربي صرف و نحو ۽ قرآني تعليم مولانا عبدالڪريم ديرويءَ کان حاصل ڪيائين، جنهن بعد ميهڙ جامع مسجد جو امام ۽ خطيب مقرر ٿيو، جتي هن ’مدرسہ عربيه اڪبريه دارالقرآن‘ جو بنياد وڌو. هن معاشري مان غلط رسمن جي پاڙ پٽڻ لاءِ ميهڙ ۾ ’انجمن اصلاح رسومه‘ قائم ڪئي. ان کانسواءِ نوجوانن لاءِ ’ينگ مسلم ايسوسيئيشن‘ جو قيام عمل ۾ آندو ۽ مدرسي ۾ بالغن لاءِ نائيٽ اسڪول پڻ قائم ڪيو. ان سان گڏ هڪ لائبرري بہ قائم ڪئي، جنهن مان ميهڙ شھر وارن کي وڏو فائدو رسيو.
سيد علي اڪبر شاھہ سياست ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو، خلافت تحريڪ ۾ زور شور سان شرڪت ڪيائين. ميهڙ لاءِ خلافت جو ڪنوينر مقرر ٿيو. 1940ع ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. تحريڪ پاڪستان ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين. کيس انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر بڻايو ويو، جنهن ۾ مسلم ليگ جا وڏا ليڊر: لياقت علي خان، نواب بھادر يارجنگ ۽ علامہ شبير احمد عثماني پڻ شامل هئا. بعد ۾ کيس سنڌ مسلم ليگ جو صدر بڻايو ويو. مسلم ليگ جي پليٽفارم تان 1945ع ۾ اليڪشن وڙهيو. سندس حمايت ۾ جواهرلعل نهرو اچي علائقي جو دورو ڪيو ۽ سندس ورڪ ڪئي، پر شاھہ صاحب کيس زبردست شڪست ڏني. ان اليڪشن ۾ پوري برصغير ۾ وڌ ۾ وڌ ووٽ سيد علي اڪبر شاھہ کي مليا.
47-1946ع ۾ سيد علي اڪبر شاھہ سموري برصغير جا دورا ڪيا ۽ قائداعظم سان گڏجي ڪم ڪيو. جڏهن پاڻ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو تہ کيس هڪ هزار روپيا وظيفو ملندو هو، جهن مان چار سئو روپيہ غريب شاگردن ۾ ورهائيندو هو ۽ ٽي سئو روپيا تاج ڪمپنيءَ کي قرآن مجيد جي ڇپائيءَ لاءِ ڏيندو هو. باقي ٽي سو روپيہ پنھنجي ذاتي خرچ لاءِ رکندو هو. اسيمبلي ميمبر هجڻ دوران هن تعليمي، اصلاحي ۽ غريبن لاءِ ڀلائيءَ جا ڪيترا بل پاس ڪرايا. پاڻ سنڌ يونيورسٽي سئنڊيڪيٽ جو ميمبر ۽ اسلامي شعبي جو پهريون اعزازي سربراھہ رهيو. عربي ٻوليءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهيءَ وٽ عاليشان ادارو ’جامعہ عربيه‘ جو بنياد وڌائين، جيڪو اڄ بہ هاءِ اسڪول جي صورت ۾ قائم آهي. هر سال ٻہ درجا پاس ڪيا ويندا هئا ۽ ٽن سالن ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ويندي هئي. سيد علي اڪبر شاھہ ’آل پاڪستان ايجوڪيشن ڪانفرنس‘ جو اهتمام ڪيو. 1940ع ۾ حيدرآباد ۾ ’آل سنڌ عربي ايجوڪيشن ڪانفرنس‘ ڪوٺايائين. ڪراچي ’دارالاشاعت ۽ دارالطباعت‘ قائم ڪيائين. شاھہ صاحب شعلہ بيان مقرر هو. سندس تقرير ۾ وڏو اثر هوندو هو. هڪ ڀيري مسجد جي تعمير لاءِ تقرير دوران هڪ شخص (آخوند عبداللطيف) هڪ لک روپيہ عطيو ڏنو. قائداعظم سندس تقرير کي ڏاڍو پسند ڪندو هو.
شاھہ صاحب سڄي زندگي زهد، تقويٰ ۽ انڪساريءَ ۾ گذاري. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ شاھہ صاحب جي سڄي زندگي تبليغ ۽ ديني خدمتن ۾ گذري. هن ڪيترن مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ صدارت ڪئي. پاڻ شاعري بہ ڪندو هو.
سيد علي اڪبر شاھہ 22 جون 1971ع تي وفات ڪئي. هن فقير طبع انسان وفات وقت پويان ڪا بہ ذاتي ملڪيت نہ ڇڏي هئي.


لفظ سيد علي اڪبر شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.02.02  عيسوي

سيد علي اڪبر شاهه، 2 فبروري 1901ع تي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾، سيد احمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو.


1971.06.22  عيسوي

سيد علي اڪبر شاهه 22 جون 1971ع تي وفات ڪئي. هن فقير طبع انسان وفات وقت پويان ڪا به ذاتي ملڪيت نه ڇڏي هئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو سريمڻ
شاستري لال بھادر
سريندر ناٿ
محمد حسين سومرو
ريکا
پيرابن شاھ جي مزار
بشير احمد قريشي
آلندي سيلويڊار
دريا خان جکراڻي
راءِ نوگهڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون