سيد علي اڪبر شاھہ ثاني

سيد علي اڪبر شاھہ (ثاني): شاعر سيد علي اڪبر شاھہ ولد سيد مير جان شاھہ (ثالث) 1861ع ۾ تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هي شاھہ عنايت شھيد جي خليفي مير جان شاھہ (اول) جي اولاد مان هو ۽ ساڳيءَ درگاھہ جو سجادہ نشين پڻ هو. ڪيترائي هندو ۽ مسلمان سندس معتقد هئا. سنڌي، سرائيڪي، پارسي ۽ اردو ٻولي جو شاعر هو. هن 11 جون 1923ع تي وفات ڪئي.


لفظ سيد علي اڪبر شاھہ ثانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو