سيد علي بکري: سيد علي بن محمد بدرالدين بن محمد صدرالدين بن محمد بکري، 25 شعبان 630/ 6 جون 1333ع تي بکر ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن مذهبي تعليم بکر مان حاصل ڪئي ۽ اتي ئي سندس تربيت ٿي. هن ٽيهن سالن جي عمر ۾ ملتان جو سفر ڪيو، اتي سيد شمس الدين حسين ۽ شيخ ابوالفتح رڪن الدين ملتانيءَ کان تصوف ۽ ٻيا علم حاصل ڪيائين، انهن بزرگن جي صحبت ۾ گهڻو وقت رهيو. ان کانپوءِ ملتان کان بھار ڏانهن روانو ٿيو، جتي شيخ منهاج الدين بهاريءَ جي صحبت ۾ ٻارهن سال رهي فيض حاصل ڪيائين ۽ انهيءَ بزرگ جي صحبت ۾ رهي خلافت ۽ ڪماليت جو درجو حاصل ڪيائين. پوءِ شيخ منهاج الدين جي هدايت تي شيخوپوره ويو، جتي ٻہ سال فيض هدايت ڏيندو رهيو. ان کان پوءِ پرياگ (الھہ آباد) ۾ وڃي رهيو. هن اسلام جي تعليم کي عام ڪرڻ ۽ ان کي پکيڙڻ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو.
سيد علي بکريءَ 760ھہ/ 1369ع ۾ وفات ڪئي. سندس فرزند علي بن علي هو، جيڪو سيد تقي الدين جي لقب سان هڪ مشھور شيخ طريقت ۽ سھروردي طريقي جو پير ٿي گذريو آهي.