سيد علي سرمست: هي بزرگ قلندر شھباز جو دوست ۽ سيد جلال بخاريءَ جو فرزند هو. هن بزرگ جا ڪيترائي مريد هئا، جن مان شيرالاولياء خواجہ باقي قابل ذڪر آهي. روايتن موجب قلندر لعل شھباز جو جهنڊو (گج گاھہ) عصا ۽ گلو بند هن پاڻ سان گڏ آندا هئا. هي قلندر لعل شھباز جو خليفہ اول ۽ خدمتگار پڻ هو. جڏهن قلندر شھباز وفات ڪئي تہ سيد علي سرمست، سيد صلاح الدين لڪياري ۽ شيخ علي بغداديءَ سان گڏجي لعل شھباز جي غسل، جنازي نماز، مرقد جي جاءِ ۽ تدفين جو ڪم سرانجام ڏنو. پاڻ مزار جو پهريون خدمتگار هو. لعل شھباز جي وفات بعد فقير سندس بيعت ڪندا هئا ۽ کيس لعل شھباز جو وزير چوندا هئا. هن بزرگ جي مزار درگاھہ اندر لعل شھباز جي روضي جي ٻاهران، اوڀر واري دروازي جي اوڀر- اتر ۾ هڪ ننڍي گنبذ ۾ آهي. قلندر لعل شھباز جي روضي جي تياريءَ کانپوءِ 758ھہ/ 1357ع ۾ ملڪ اختيارالدين هن بزرگ جو مقبرو جوڙايو.
جيڪي بہ زيارتي لعل شھباز جي درٻار ۾ اچن ٿا، اُهي هن بزرگ جي بہ حاضري ڀرين ٿا. هن وقت سندس پراڻو مقبرو ڊاهي نئون تيار ڪيو ويو آهي. سيد علي سرمست تي، نوجوان محقق ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هڪ تفصيلي مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ سندس خاندان بہ هن بزرگ سان نسبت رکي ٿو.