سيد علي شاھہ

سيد علي شاھہ: صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد علي شاھہ ولد پيرل شاھہ ڳوٺ سهڪجي، تعلقي ڳڙهي ياسين جو ويٺل هو. علي شاھہ کي سندس والد سيد پيرل شاھہ کيس محمد فقير کٽياڻ جي طالب ٿيڻ لاءِ هدايت ڪئي. ان هدايت موجب سيد علي شاھہ محمد فقير کٽياڻ جو اچي طالب ٿيو. شاعريءَ ۾ هن ڪافيءَ جي صنف تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي، ڪافيءَ ۾ سندس اسلوب عام فھم ۽ سليس آهي، مثال:
نہ ڪا حجت هلبي، نہ ڪو سور سلبو،
رندائي رمز ۾ پنهنجو روح رلبو،
نازڪ آ ناتو نر ٿي نباهيان،
سهمان سور سختيون سڀوئي سهايان،
جيڪي ڀي ملي سو پائي جهول جهلبو،
جتيءَ ناهيان جهڙو، ڪهڙو سينو ساهيان
نڪو سڱ سياپو، پلئہ پاند پايان،
پڻي جا پيرن جي ڪري مشق ملبو،
اها سٽ ساري سيدن واري،
شاهي ڇڏي سون، بزرگي ڀلاري،
پيريءَ کان پري ٿي پنهنجو پاڻ پلبو،
هي هڪڙو ڇاهي، ڪلهن کان ئي ڪوريان،
هجن لک هزارين ڪري گهور گهوريان،
رکي سر اڏيءَ تي علي شاھہ نہ البو.


لفظ سيد علي شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو