سيد علي شاھہ شائق

سـيد علـي شـاھہ ’شـائـق‘ (مير علي شاھہ): سيد علي شاھہ ’شائق‘ عرف مير علي شاھہ اصل ۾ روهڙيءَ جي ساداتن سان تعلق رکندڙ هو، جيڪو پوءِ بڪار طرف جاگير ملڻ جي ڪري اتي وڃي ويٺو. ’شائق‘ فارسي زبان ۾ هڪ طويل قصيدو ’قصيده بمدح عبدالنبي‘ عنوان سان لکيو. ان وقت تائين مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر، ڪلهوڙا درٻار ۾ اڃا اهم درجو رکندڙ هو. هن طويل قصيدي (نظم) ۾ 495 شعر آهن، جن مان عبدالنبي خان ڪلهوڙي جي دؤر جا ڳچ حالات ملن ٿا، جيڪي ٻئي ڪنهن بہ ڪتاب ۾ نہ ٿا ملن. ڪجهہ شعرن ۾ شاعر پنهنجو احوال بہ ڏنو آهي. خاص ڪري رزق جي تنگيءَ جو ذڪر ڪري ٿو. پاڻ لاءِ چوي ٿو ته، ”آءٌ قادري مسلڪ جو آهيان، پر پوءِ بہ مون تي ’رافضي‘ هجڻ جو الزام لڳي ٿو.“ هي قصيدو آخري ڪلهوڙا دؤر بابت هڪ اهم ماخذ آهي، جيڪو اڃا نہ ڇپيو آهي. آغا بدرالدين (ڳڙهي ياسين) جي ڪتبخاني ۾ ان جو نسخو موجود هو، جيڪو غلام رسول مھر لاءِ، پير حسام الدين راشدي صاحب نقل ڪرايو هو. مھر مرحوم ان وقت سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ’تاريخ ڪلهوڙا‘ لکي رهيو هو. هي ڪتاب ابتدا ۾ اردو ۽ پوءِ سنڌي زبان ۾ بورڊ پاران ٻن جلدن ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. غلام رسول مھر هن قصيدي جي شعرن جي ايتري تعريف نہ ٿو ڪري. البت ان جي تاريخي اهميت جو گهڻو قائل ڏسجي ٿو.
سنڌ جي ممتاز تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ پڻ هن قصيدي جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو هو. سندس تحقيق آهي تہ هي قصيدو 1198ھہ کان اڳ لکيو ويو هو. جيتوڻيڪ هي ميان عبدالنبيءَ جي شان ۾ لکيو ويو هو، پر پوءِ بہ هي ڪلهوڙا دؤر جي آخري سالن ۽ خاص ڪري ميان عبدالنبيءَ جي زماني بابت سُٺي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. راشدي صاحب ڪجهہ عنوانن جي لسٽ بہ ڏني آهي، جيڪي قصيدي جو موضوع بنيا آهن: امير، جرنيل، وزير، درٻاري، سنڌ ملڪ جي وصف، قلندر بابت مدح، مدح بخدمت ميان عبدالنبي، صفت شھر خداآباد، صفت مهراڻ، وصف صاحبزادگان، عام ۽ خاص هٿيار جي تشريح، ناظر، متصدي، توشڪچي، وڪيل، ڪلهوڙا خاندان جا نامور فرد، شيخ حامد گنج بخش، جوڻيجن جو احوال (جي ميان عبدالنبيءَ جا ماما هئا)، عالم ۽ قاضي، بروهي ۽ بلوچ، بھاولپور جا دائودپوٽا ۽ مدح مير بجار. هن قصيدي جي ڇپائي ۽ ان جي ترجمي سان، آخري عھد ڪلهوڙا جي تاريخ جا ڪيئي گوشا نروار ٿي بيهندا. هتي هڪ مُغالطي جو ازالو ڪرڻ لازم آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ زندگيءَ جي آخري دؤر ۾ ’تڪملة التڪملة‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو. هيءُ ڪتاب فارسي گو شاعرن بابت آهي ۽ اهو سنڌ يونيورسٽيءَ پاران 2007ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن قصيدي (قصيده بمدح عبدالنبي) کي، هڪ ئي وقت ٻن شاعرن جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. ڪتاب جي صفحي 72 تي پاڻ ان کي سيد رحمت بکريءَ جي نالي ۾ درج ڪيو اٿس، جڏهن تہ ساڳئي ڪتاب جي صفحي 93 تي ساڳيو قصيدو مير علي شاھہ ’شائق‘ جي نالي ۾ بہ داخل ڪيو ويو آهي. مٿي ذڪر اچي چڪو آهي تہ قيام پاڪستان کانپوءِ ’تاريخ ڪلهوڙا‘ جي تياريءَ لاءِ معاصر ماخذن جي ڳولا ۾، هي قصيدو بہ هٿ آيو هو، جيڪو آغا بدرالدين جي ڪتبخاني جي ملڪيت هو. پير حسام الدين راشدي ۽ مولوي غلام رسول مھر نہ رڳو ان جو اڀياس ڪيو هو، پر ڪلهوڙن جي تاريخ جي تياريءَ ۾ بہ ان کي ڪتب آندو هو. ٻنهي عالمن جي راءِ آهي تہ هن قصيدي جو لکندڙ سيد علي شاھہ ’شائق‘ آهي، ان ڪري هن ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو مغالطو ختم سمجهڻ گهرجي.
سنڌ جي سادات ۽ خاص ڪري روهڙي ۽ بڪار جي سيدن جي باري ۾ ڄاڻ رکندڙ انجنيئر عبدالحسين شاھہ موسويءَ کان جڏهن هن قصيدي بابت پڇيو ويو تہ هن ٻڌايو تہ روهڙي ۽ بڪار جي ساداتن بابت ٻہ عدد شجرا ملن ٿا. هڪ جو مصنف مولوي غلام مرتضيٰ شاھہ رضوي آهي. ان ۾ هڪ نالو علي شاھہ ملي ٿو. ٻيو هڪ نامعلوم بزرگ جو لکيل شجرو بہ آهي، ان ۾ علي خان نالو موجود آهي. علي شاھہ يا علي خان جو باقي نسبي سلسلو ساڳيو ۽ هن ريت آهي: ولد لطف علي ولد قنبر علي ولد سيد مير قلي عرف سيد مير بڪاري. عبدالحسين شاھہ جي راءِ آهي تہ درست نالو سيد مير علي شاھہ ’شائق‘ آهي، جڏهن تہ رحمة ان جي عُرفيت سمجهڻ کپي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو