سيد علي مڪي

سيد علي مڪي: عراق جي شھر ’سامراه‘ جو رهاڪو، سيد علي مڪي، هڪ سؤ عالمن ۽ حافظن سان گڏ ’دلوراءِ‘ جي دؤر (5-6 هجري) ۾ سنڌ ۾ آيو هو. جڏهن ڇٽي امراڻيءَ، دلوراءِ جي ظلمن کان تنگ ٿي، عباسي خليفي ڏانهن پيغام موڪليو هو، جنهن سندس درخواست قبول ڪندي، سيد کي وفد سان سنڌ ڏانهن موڪليو. سيد جو شجرو هن ريت آهي:
سيد علي مڪي بن شاھہ عباس بن شاھہ زيد بن شاھہ اسد بن شاھہ عمر بن شاھہ حمزو بن شاھہ هارون بن شاھہ عبدالله بن شاھہ حسين بـن عـلـي رضا بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق (عه) بن امام محمد باقر (عه) بن امام زين العابدين (عه) بن امام حسين (عه) بـن علي عليہ السلام.
سيد علي مڪي مختلف علائقن ۾ تبليغ ڪندي، لڪي جبل ۽ سنڌو درياھہ جي وچ واري ماٿريءَ ۾ سڪونت پذير ٿيو، جنهن جاءِ تي ويٺو اُتي ڪجهہ ٻيا ماڻهو سندس تبليغ مان نصيحت پرائي گهر ٺاهي ويهي رهيا. اُها جاءِ ’لڪ‘ جي نسبت سان ’لڪعلوي‘ ۽ بعد ۾ لڪي ڳوٺ جي نالي سان مشھور ٿي ۽ هاڻي ان علائقي کي ’لڪي شاھہ صدر‘ چون ٿا. راجا دلوراءِ ان ڏينهن ۾ سيوهڻ آيل هو، ان کي سيد علي مڪيءَ تبليغ ڪري نصيحت ۽ هدايت ڪئي تہ ظلم ڪرڻ چڱو ناهي، بادشاھہ کي عدل ۽ انصاف سان هلڻ گهرجي. راجا دلوراءِ بزرگ جي هدايت تي ظلم ڇڏي ڏنا ۽ پنھنجي ڌيءَ جو سڱ بزرگ کي ڏنو، جنهن مان پيدا ٿيل اولاد ’لڪياري سادات‘ سڏجن ٿا. سيد علي مڪيءَ جي اولاد مان شاھہ صدرالدين لڪياري هڪ نالي وارو بزرگ جملي برڪتن جو جامع هو. پاڻ شاھہ صدرالدين لڪياريءَ جي نالي سان سڏبا هئا. سندس ڀاءُ جو نالو، بهاءُالدين هو. هن بزرگ لڪيءَ شھر ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار بہ اُتي ئي آهي.


لفظ سيد علي مڪيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو