سيد علي مڪي: عراق جي شهر ’سامراه‘ جو رهاڪو، سيد علي مڪي، هڪ سؤ عالمن ۽ حافظن سان گڏ ’دلوراءِ‘ جي دؤر (5-6 هجري) ۾ سنڌ ۾ آيو هو. جڏهن ڇٽي امراڻيءَ، دلوراءِ جي ظلمن کان تنگ ٿي، عباسي خليفي ڏانهن پيغام موڪليو هو، جنهن سندس درخواست قبول ڪندي، سيد کي وفد سان سنڌ ڏانهن موڪليو. سيد جو شجرو هن ريت آهي:
سيد علي مڪي بن شاهه عباس بن شاهه زيد بن شاهه اسد الله بن شاهه عمر بن شاهه حمزو بن شاهه هارون بن شاهه عبدالله بن شاهه حسين بـن عـلـي رضا بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق (عه) بن امام محمد باقر (عه) بن امام زين العابدين (عه) بن امام حسين (عه) بـن علي عليه السلام.
سيد علي مڪي مختلف علائقن ۾ تبليغ ڪندي، لڪي جبل ۽ سنڌو درياهه جي وچ واري ماٿريءَ ۾ سڪونت پذير ٿيو، جنهن جاءِ تي ويٺو اُتي ڪجهه ٻيا ماڻهو سندس تبليغ مان نصيحت پرائي گهر ٺاهي ويهي رهيا. اُها جاءِ ’لڪ‘ جي نسبت سان ’لڪعلوي‘ ۽ بعد ۾ لڪي ڳوٺ جي نالي سان مشهور ٿي ۽ هاڻي ان علائقي کي ’لڪي شاهه صدر‘ چون ٿا. راجا دلوراءِ ان ڏينهن ۾ سيوهڻ آيل هو، ان کي سيد علي مڪيءَ تبليغ ڪري نصيحت ۽ هدايت ڪئي ته ظلم ڪرڻ چڱو ناهي، بادشاهه کي عدل ۽ انصاف سان هلڻ گهرجي. راجا دلوراءِ بزرگ جي هدايت تي ظلم ڇڏي ڏنا ۽ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ بزرگ کي ڏنو، جنهن مان پيدا ٿيل اولاد ’لڪياري سادات‘ سڏجن ٿا. سيد علي مڪيءَ جي اولاد مان شاهه صدرالدين لڪياري هڪ نالي وارو بزرگ جملي برڪتن جو جامع هو. پاڻ شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي نالي سان سڏبا هئا. سندس ڀاءُ جو نالو، بهاءُالدين هو. هن بزرگ لڪيءَ شهر ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار به اُتي ئي آهي.