سيد غلام حيدر شاھہ1: نامور سياستدان، سيد غلام حيدر شاھہ ڳوٺ کيجراڙي، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. غلام حيدر شاھہ 1946ع ۾ صوبه مسلم ليگ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ جي. ايم. سيد صدر هو، شاھہ صاحب جي سياسي اهميت اها آهي تہ 1946ع جي عام چونڊن ۾ غلام حيدر شاھہ کي صوبائي مسلم ليگ انتخابي بورڊ مسلم ليگ پاران اسيمبليءَ ۾ بيهڻ لاءِ ٽڪيٽ ڏني، جنهن جي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ مخالفت ڪئي. جي. ايم. سيد اعتراض ڪيو تہ مرڪز کي صوبائي مسلم ليگ جي مـعامـلـن ۾ مـداخـلـت نہ ڪرڻ گهرجي. اُن تي جي.ايم.سيد جا انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ سان اختلاف پيدا ٿي ويا ۽ هو مسلم ليگ کان الڳ ٿي ويو، پر غلام حيدر شاھہ مسلم ليگ کان گهڻو وقت الڳ رهي نہ سگهيو. هو 1953ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ نہ صرف صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو، پر صوبائي وزارت بہ حاصل ڪيائين. سيد مظفر حسين شاھہ سندس پُٽ آهي، جيڪو سنڌ جو وزيراعلى ۽ اسپيڪر سـنڌ اسـيمبلي رهي چڪو آهي ۽ هن وقت فنڪشنل مسلم ليـگ ۾ پير صاحب پاڳاري سان گڏ آهي.