
سيد غلام علي شاهه
سيد غلام علي شاھہ: سيد غلام علي شاھہ، مشھور ديني عالم، فاضل، بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن جا وڏا ارڙي شھر جا رهاڪو هئا، جتان لڏي اچي ٽنڊي محمد خان ۾ ويٺا. سندس نسبي سلسلو ’شمس سبز واري ملتاني‘ سان ملي ٿو، انهيءَ ڪري سندس پويان ’شمسي ڪڙيوال‘ سڏبا آهن. هن کي ٽي ڀائر هئا. (1) سيد فتح شاھہ، جيڪو تعلقي ٺٽي ۾ سونڊن شھر کان اُتر اوڀر طرف، ٻن ميلن جي پنڌ تي جبل جي ڪُر ۾ مدفون آهي جتي سندس روضو بہ ٺـهيـل آهي. (2) ڪبير شاھہ، جيڪو جوڻ جي ويجهو مـدفـون آهي، ۽
(3) ميان شاھہ، جنهن جو روضو ڪراچيءَ ۾ لي مارڪيٽ جي ويجهو آهي.
سيد غلام علي شاھہ وڏو عالم هو. سندس پوين وٽ سندس ڪتبخاني جو ڪجهہ حصو رهيل آهي، جنهن ۾ سوين ڪتاب موجود آهن. سيد غلام علي شاھہ جو ڪلام غزلن، مداحن، مناقبن، ڪافين، بيتن ۽ لولين تي مشتمل آهي.
سندس ڪافين جو قلمي نسخو، سندس پوين وٽ محفوظ آهي، جيڪو نستعليق رسم الخط ۾ لکيل آهي.