سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري

سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري

سيد غلام قادر شاھہ ثاني نصرپوري

سيد غلام قادر شاھہ ثاني نصرپوري: سيد غلام قادر شاھہ ثاني، نصرپور ۾ 1941ع ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو مريد علي شاھہ هو. هن جا وڏا عظيم صوفي شاعر ۽ ڪافين جي بادشاھہ حضرت سيد مصري شاھہ امام جي درگاھہ جا سجادہ نشين ٿيندا آيا آهن. والد جي وفات کانپوءِ سيد غلام قادر شاھہ ثاني سجادہ نشين مقرر ٿيو. پرائمري (سنڌي)، اديب فاضل (سنڌي) ۽ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. ان کانسواءِ عربي ۽ فارسي ٻوليون بہ سکيائين. حضرت مصري شاھہ امام جي ڪلام تي مشتمل رسالو ’ڪليات مصري شاھہ‘ ڇپائي شايع ڪرايائين ۽ ’مصري شاھہ ميموريل ڪوآپريٽو ڪائونسل‘ قائم ڪيائين. نصرپور ۾ ناياب علمي ۽ ادبي ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪري لائبرري قائم ڪيائين. اڄ بہ هزارين ناياب ڪتاب لائبرريءَ ۾ موجود آهن. هن پهرين آگسٽ 1982ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو